Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




هوسيع 7:1 - Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن بہ آءٌ خداوند چاهيان ٿو تہ پنهنجي قوم کي ٻيهر بحال ڪري خوشحال ڪريان، تڏهن سامريہ بلڪ سڄي اسرائيل وارن جي بدڪرداري ۽ بڇڙائي سامهون ٿي اچي. اهي هڪٻئي سان ٺڳي ٿا ڪن، انهن مان ڪي گھرن ۾ کاٽ هڻي چوري ٿا ڪن، تہ ڪي وري ڦورن جو ٽولو بڻجي ٻاهر رستن تي لٽين ڦرين ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 جڏهن مون اسرائيل کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ ٿي گهريو، تڏهن افرائيم جي بدڪاري، ۽ سامريہ جي شرارت ظاهر ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ٺڳيءَ جا ڪم ڪيا آهن: چور اندر لنگهيو اچي، ۽ چورن جي ٽولي ٻاهر پئي ڦري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




هوسيع 7:1
30 Iomraidhean Croise  

ويل آهي اسرائيل جي مئي‌خوار حاڪمن جي مغروريءَ واري تاج لاءِ! هائو، ويل آهي انهن جي شاندار ۽ خوبصورت شهر سامريہ لاءِ! اهو اهڙي گل مثل آهي جيڪو ڪومائجي ٿو وڃي. زرخيز ماٿريءَ جي مٿان اڏيل انهيءَ شهر سامريہ جي حاڪمن تي مئي غالب آهي.


اي خداوند! اسان جون بدڪاريون تو آڏو گھڻيون وڌي ويون آهن. اسان جا اهي گناهہ اسان جي خلاف شاهدي ٿا ڏين، جيڪي اسان کان ڪونہ ٿا وسرن. هائو، اسين پنهنجي بدڪارين کان پوريءَ طرح واقف آهيون.


بيشڪ اسان تو خدا جو قصور ڪيو آهي، تنهنجا باغي بڻيا آهيون، ۽ تنهنجي حڪمن جي پيرويءَ کان پاسو ڪيو اٿئون. هن ڪري جو اسين ظلم ۽ فساد جون ڳالهيون ٿا ڪريون. اسين ڪوڙيون ڳالهيون دل ۾ رٿيون ٿا، ۽ اهي ئي زبان تي آهن.


سو انصاف اسان کان پري هليو ويو آهي، ۽ اسان جو بچاءُ اسان کي ڏسڻ ۾ ئي نہ ٿو اچي. انهيءَ سبب جو سچائي ۽ ايمانداري اسان ۾ رهي ئي ڪانهي. اهي ڄڻ ڪنهن چونڪ تي ٿاٻو کائي ڪري پيون آهن.


پر اهي چوندا تہ ”اسان بابل جا زخم ڇٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جا زخم ڇٽي نہ سگھيا. سو ڇڏي ڏيوس. هلو تہ اسين پنهنجي پنهنجي وطن موٽي هلون، ڇاڪاڻ تہ بابلين جي سزا چوٽ چڙهي ويئي آهي.“


تنهنجي وڏي ڀيڻ سامريہ جي وسندي هئي، جيڪا پنهنجي پسگردائيءَ جي ڳوٺن سميت تنهنجي اتر طرف هئي. تنهنجي ننڍي ڀيڻ سدوم جي وسندي هئي، جيڪا پنهنجي پسگردائيءَ جي ڳوٺن سميت تنهنجي ڏکڻ طرف هئي.


انهن مان وڏيءَ جو نالو اهولہ هو ۽ ننڍيءَ ڀيڻ جو نالو اهوليبہ هو. اهي ٻيئي مون سان پرڻيون ۽ منهنجا ٻار ڄڻيائون. انهن مان اهولہ جو مثال سامريہ سان ۽ اهوليبہ جو مثال يروشلم سان ٿو ڏجي.


اي يروشلم وارؤ! ديڳڙي جي اها گندگي اوهان جي گھڻي زناڪاري ۽ بدڪاري آهي. مون اوهان کي پاڪ صاف ڪرڻ چاهيو، تہ بہ اوهين پاڪ صاف نہ ٿيا. هاڻي اوهين ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندا، جيستائين آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي پوريءَ طرح نازل نہ ڪريان.


اسرائيل جي گاديءَ واري شهر سامريہ جا سمورا رهاڪو ڏڪي ويندا، بيت‌ايل جي سوني گابي جي وڃائجڻ ڪري هو ماتم پيا ڪندا، انهن پوڄارين جا اڳواڻ گابي جي اڳئين شان وَ شوڪت تي روئندا رڙندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن مون سان هر طرف کان ڪوڙ ۽ ٺڳي ڪئي آهي، ۽ يهوداہ وارن بہ مون سچي ۽ پاڪ خدا کي ڇڏي ڏنو آهي.


اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان! آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان، جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا! منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي، منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.


اسرائيل وارا چرين جيان هوا کي جھلڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. هائو، اهي جھولي جي پٺيان ڊوڙندا ٿا وتن. اهي هڪٻئي سان ڪوڙن مٿان ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ ظلم ڪندا ٿا رهن. اهي اشور وارن سان عهد اقرار ڪن ٿا، ۽ مصر وارن سان ڏيتي ليتي ٿا ڪن.


بيشڪ يهوداہ وارا پڻ مون خداوند جا ڏوهاري آهن. سو آءٌ يعقوب جي سڄي اولاد کي سندن چال چلت موجب سزا ڏيندس. هائو، آءٌ کين سندن عملن مطابق بدلو ڏيندس.


اسرائيل وارا بتن جي پوڄا گھرن ۾ ڦاسي ويا آهن، کين ڇڏي ڏيو تہ ڀلي هو پنهنجي رستي سان هلن.


اٽلندو هتي ڦٽ لعنت آهي، ۽ ڪو ڪنهن سان سچو نہ آهي. هائو، هتي خونريزي، چوري ۽ زناڪاريءَ جو راڄ آهي. ڏوهہ ايترا تہ وڌي ويا آهن جو خونن مٿان خون پيا ٿين.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي ڪاهنؤ! ٻڌو، اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين ڌيان ڏيو. اي شاهي گھراڻي وارؤ! اوهين ڪن ڏيو، اوهين جيڪي ٻين جي خلاف فتويٰ جاري ڪريو ٿا، هاڻي اوهان جي خلاف فتويٰ جاري ٿي چڪي آهي. اوهين مصفاہ ۾ ڦندو وجھي، تبور جبل تي ڄار پکيڙي،


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان سان ڇا ڪريان؟ ۽ اي يهوداہ وارؤ! آءٌ اوهان سان ڪيئن هلان؟ اوهان جي وفاداري صبح جي ڪڪر جيان گم ٿيو وڃي هائو، جيئن صبح ٿيڻ سان ماڪ گم ٿي ويندي آهي.


ويل آهي انهن جي لاءِ! جن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، موت آهي انهن جي لاءِ! جيڪي مون کان باغي ٿي ويا آهن، توڙي جو مون کين بچائڻ ٿي گھريو، تہ بہ هنن مون سان بي‌وفائي ڪئي آهي.


آءٌ اسرائيل واري سامريہ علائقي جي سوني گابي واري بت جي خلاف آهيان، منهنجو غضب اتان جي رهاڪن خلاف ڀڙڪندو رهي ٿو، اهي ڪڏهن بت‌پرستيءَ کي ڇڏي ڏيندا؟


اسرائيل وارا اشور ڏانهن ائين ويا آهن، جيئن ڪو اڪيلو رولو گڏهہ وڃي، اتي وڃي هنن پنهنجي مدد لاءِ اشورين کي ڀاڙي تي سڏيو آهي.


انهن ماڻهن کان نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ وسري ويا آهن، بلڪ اهي ظلم ۽ ڦر ڪري پنهنجن محلاتن کي ڀرين ٿا.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”فلستين جي اشدود شهر جي محلاتن ۾ بلڪ مصر ملڪ جي محلاتن ۾ اهو اعلان ڪيو وڃي تہ ’اوهين اسرائيل ملڪ جي سامريہ شهر جي چوڌاري جبلن تي گڏ ٿيو. هائو، اچي ڏسو تہ سامريہ اندر ڪيڏا نہ هنگاما ۽ ظلم آهن.‘


ان کان علاوہ اُهي جيڪي سامريہ جي ڪراهت جهڙن بتن جو قسم کڻي چون ٿا تہ ’اي دان شهر! تنهنجي معبود جو قسم،‘ يا وري ’اي بيرسبع شهر! تنهنجي معبود جو قسم،‘ سي سڀيئي ڪري پوندا ۽ وري ڪڏهن نہ اٿندا.“


اي يروشلم وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ عمري ۽ سندس پٽ بادشاهہ اخي‌اب جي گناهن وارن عملن جي پيروي ڪئي آهي. جيئن تہ اوهين انهن جي رستي تي هلندا رهيا آهيو، تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي شهر يروشلم کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هر قوم جا ماڻهو اوهان تي ٺٺوليون ڪندا، ۽ اوهين خوار خراب ڪيا ويندا.“


”يروشلم! اي يروشلم! تون نبين جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيغمبر تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.


يروشلم! اي يروشلم! تون نبين جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيغمبر تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.


۽ چيائين تہ ”ڪاش، اي يروشلم جي وسندي! تون اڄوڪي ڏينهن سڃاڻي وٺين ها تہ تنهنجي سلامتي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي. پر هاڻي تہ اهي تنهنجي اکين کان لڪل آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan