Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




هوسيع 4:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تنهنڪري هي سڄو ملڪ خشڪ بيابان بڻجي ويندو، ۽ ان ۾ رهندڙ هر ساهوارو، پوءِ اهو ماڻهو هجي توڙي پکي، جانور هجي توڙي کڻي سمنڊ جون مڇيون، سڀ مري کپي ويندا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تنهنڪري هيءَ زمين ماتم ڪندي، ۽ جيڪو انهي ۾ رهندو سو جهنگ جي مرن ۽ هوا جي پکين سان گڏ ساڻو ٿيندو؛ هائو، سمنڊ جون مڇيون بہ گم ٿي وينديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




هوسيع 4:3
17 Iomraidhean Croise  

ٻنيون سڪي سڙي ويران ٿي ويون آهن، لبنان جا ٻيلا ڪومائجي سڪي ويا آهن. شارون جي سرسبز ماٿري بيابان بڻجي ويئي آهي، ۽ بسن جي علائقي ۽ ڪرمل جبل جي ٻيلن جا پن ڇڻي ويا آهن.


هيءَ زمين ڪيستائين سڪي سڙي پيئي هوندي ۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومايل رهندي؟ منجھس رهندڙ بدڪارن جي ڪري پکي ۽ جانور بہ ناس ٿي ويا آهن. اهي بدڪار ائين بہ چون ٿا پيا تہ ”اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو خدا نہ ٿو ڏسي.“


جيئن تہ ملڪ خداوند سان بي‌وفائي ڪندڙن سان ڀرجي ويو آهي، جن بڇڙائيءَ جو رستو اختيار ڪيو آهي ۽ پنهنجي طاقت کي سچائيءَ جي خلاف استعمال ڪن ٿا. سو خدا جي لعنت جي ڪري ملڪ سڙي ٺوٺ ٿي ويو آهي ۽ چراگاهہ سڪي سڙي ويا آهن.


مون هيڏي هوڏي نهاريو، ڇا ڏسان تہ ڪو ماڻهو ئي نظر نہ ٿي آيو، پکي بہ اُڏامي هليا ويا هئا.


مون يرمياہ چيو تہ ”آءٌ جبلن جي ويرانيءَ تي روئندس رڙندس، ۽ چراگاهن جي برباديءَ تي مرثيہ چوندس. ڪوئي اتان گذري بہ ڪين ٿو، ۽ نہ اتي ڍورن جي ڍِڪَڻ جو آواز ٻڌجي ٿو، ڇاڪاڻ تہ پکي توڙي جانور سڀ اتان هليا ويا آهن.“


ڇا انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ کين سزا نہ ڏيان؟ ڇا آءٌ اهڙيءَ قوم کان بدلو نہ وٺان؟ آءٌ خداوند ائين ٿو چوان.“


ايتري قدر جو ڌرتيءَ جو هر ساهوارو، هائو، مڇيون، پکي، جھنگلي جانور ۽ سرندڙ جيت توڙي هر انسان خوف وچان ڏڪڻ لڳندا. جبل پهاڙ هيٺ ڪري پوندا، اڀيون ٽڪريون توڙي شهرن جا قلعا اچي هيٺ ڦهڪو ڪندا.


اسان جو چوپايو مال ڪيڏو نہ رڙي رهيو آهي! ڍور ڍڳا بک ۾ پاهہ پيا ٿين، ۽ رڍن ٻڪرين جا ڌڻ چٽ ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن لاءِ چارو ڪونهي.


عاموس چيو تہ ”صيئون جبل تان خداوند گجي ٿو، هائو، انهيءَ جبل واري شهر يروشلم مان سندس آواز ٻڌجي ٿو. ان آواز جي ڪري ڪرمل جبل جي چوٽي ڪومائجي ٿي وڃي، ريڍارن جو هر چراگاهہ سُڪي ٿو وڃي.“


خداوند قادرِمطلق خدا ٿو فرمائي تہ ”سڀني چونڪن تي بلڪ سڀني گھٽين ۾ ’واءِ‌ويلا! واءِ‌ويلا!‘ پڪاريو ويندو. انهيءَ کان علاوہ نہ رڳو معاوضو وٺندڙ ماهر مرثياخوانن کي بلڪ هارين کي بہ ماتم ڪرڻ لاءِ سڏيو ويندو.


پوءِ انهيءَ سبب زمين نہ ڏڪندي ڇا؟ ۽ انهيءَ تي رهندڙ سڀيئي ماتم نہ ڪندا ڇا؟ هائو، اها زمين مصر جي نيل نديءَ جي پاڻيءَ وانگر هيٺ مٿي ٿيندي.


هن جي حڪم سان سڀ درياءَ سڪي ٿا وڃن، بلڪ سمنڊ بہ خشڪ ٿي وڃن ٿا. بسن علائقو ۽ ڪرمل جبل مرجھائجي وڃن ٿا، ۽ لبنان جا گل ڪومائجي ٿا وڃن.


آءٌ ماڻهو توڙي جانور فنا ڪري ڇڏيندس، آءٌ پکي فنا ڪري ڇڏيندس ۽ سڀيئي مڇيون پڻ. آءٌ بڇڙن ماڻهن کي ڪيرائي ڍير ڪندس. هائو، آءٌ انسان کي روءِ‌زمين تان فنا ڪري ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ اهو ويڙهوٽو انهيءَ لاءِ ٿو موڪليان تہ اها لعنت چور توڙي منهنجي نالي تي ڪوڙو قسم کڻندڙ جي گھرن ۾ گھڙي. اها انهن جي گھرن ۾ رهندي ۽ سندن گھرن کي اهڙيءَ طرح تہ ناس ڪري ڇڏيندي جو انهن ۾ ڪاٺيون توڙي پٿر بہ سلامت نہ رهندا.‘“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan