Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




هوسيع 4:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اٽلندو هتي ڦٽ لعنت آهي، ۽ ڪو ڪنهن سان سچو نہ آهي. هائو، هتي خونريزي، چوري ۽ زناڪاريءَ جو راڄ آهي. ڏوهہ ايترا تہ وڌي ويا آهن جو خونن مٿان خون پيا ٿين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ڪوڙو قسم کڻڻ، ۽ انجام ڀڃڻ، ۽ خون ڪرڻ، ۽ زنا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونهي؛ هو پاڻ ۾ وڙهي پون ٿا، ۽ رت رت کي ٿو لڳي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




هوسيع 4:2
42 Iomraidhean Croise  

پوءِ قابيل پنهنجي ڀاءُ هابيل کي چيو تہ ”هل تہ ٻنيءَ تي هلون.“ جڏهن اهي ٻنيءَ ۾ پهتا تہ قابيل پنهنجي ڀاءُ تي حملو ڪري کيس ماري وڌو.


بيشڪ ڌرتي پنهنجي رهاڪن جي ڪري پليت ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هو شريعت جون حدون لنگھي ويا آهن. هنن خدا جي حڪمن جي نافرماني ڪئي آهي، ۽ سندس ٻڌل دائمي عهد ٽوڙي ڇڏيو اٿائون.


اي اوهين! جيڪي بني اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي قبيلي مان آهيو. اوهين فخر ڪندي چئو ٿا تہ ”اسين پاڪ شهر يروشلم جا رهاڪو آهيون، ۽ بني اسرائيل جي خدا، قادرِمطلق خداوند تي ڀروسو ٿا رکون.“ هاڻ جيتوڻيڪ اوهين خداوند جي نالي جو قسم کڻو ٿا، ۽ بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ جي دعويٰ ٿا ڪريو، تہ بہ ڏسو، اوهين رياڪار آهيو ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهايو. اي يعقوب جا گھراڻؤ! ٻڌو.


مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود، قادرِمطلق خداوند، نہ اسرائيل وارن کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ نہ وري يهوداہ وارن کي، جيتوڻيڪ هنن پنهنجي ملڪن کي منهنجي خلاف ڏوهن سان ڀري ڇڏيو آهي.


جهڙيءَ طرح کوهہ جو پاڻي هر وقت تازو هوندو آهي، تهڙيءَ طرح يروشلم بہ پنهنجي بڇڙائيءَ کي هر وقت تازو رکيو ٿو اچي. انهيءَ مان ڏاڍ ۽ برباديءَ جا واڪا مون تائين پهچن ٿا. مظلومن جا ڏک سور ۽ زخم هر وقت منهنجي آڏو آهن.


يروشلم کي اها سزا نبي سڏائيندڙن ۽ ڪاهنن جي بدڪارين جي ڪري ملي، جن بي‌گناهہ ماڻهن جو رت وهرايو هو.


اهو انهيءَ ڪري ٿيندو جو ملڪ ۾ گناهہ وڌي ويا آهن، هائو، هر هنڌ ظلم ئي ظلم لڳو پيو آهي، ۽ ناحق ماڻهو ماريا ٿا وڃن.


پر اوهان بدڪاري پوکي ۽ ناانصافي لڻي اٿوَ، اوهان ڪوڙ جي ميوي سان پنهنجو پيٽ ڀريو آهي. اوهان پنهنجي گھوڙي گاڏين، ۽ بهادرن جي گھڻائيءَ تي ڀروسو رکيو.


اسان جا اهي بادشاهہ اجايون ڳالهيون ڪندا هئا، عهد اقرار ڪرڻ وقت ڪوڙا قسم کڻندا هئا، ۽ سندن عدالتون غلط فيصلا ڏينديون هيون. اهي فيصلا اسان لاءِ ائين ٿيندا رهيا، جيئن زمين مان نڪرندڙ زهريلا ٻوٽا.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن مون سان هر طرف کان ڪوڙ ۽ ٺڳي ڪئي آهي، ۽ يهوداہ وارن بہ مون سچي ۽ پاڪ خدا کي ڇڏي ڏنو آهي.


پر اوهان اسرائيل وارن پنهنجن بڇڙن ڪمن ڪري مون کي سخت غصو ڏياريو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجين بڇڙاين سبب موت جي لائق آهيو. اوهان جيڪي بہ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن، سي آءٌ خداوند موٽائي اوهان تي آڻيندس.“


۽ شطيم شهر واري اونهي کوٽيل کڏ بڻجي منهنجي قوم کي گمراهہ ٿا ڪريو. سو آءٌ اوهان سڀني کي سيکت ڏيندس.


هاڻي بہ جِلعاد بدڪارن جو شهر آهي، جتي مظلومن جو رت وهايو وڃي ٿو.


اوهان جي ڪاهنن جي جماعت لٽيرن جي انهن ٽولن وانگر آهي، جيڪي ماڻهن جي تاڙ ۾ رستن تي لڪي ٿا ويهن. بلڪ اهي مقدس شهر سڪم ڏانهن ويندڙن کي بہ رستي ۾ قتل ٿا ڪن. بيشڪ هنن جا ڪم تمام بڇڙا آهن.


جڏهن بہ آءٌ خداوند چاهيان ٿو تہ پنهنجي قوم کي ٻيهر بحال ڪري خوشحال ڪريان، تڏهن سامريہ بلڪ سڄي اسرائيل وارن جي بدڪرداري ۽ بڇڙائي سامهون ٿي اچي. اهي هڪٻئي سان ٺڳي ٿا ڪن، انهن مان ڪي گھرن ۾ کاٽ هڻي چوري ٿا ڪن، تہ ڪي وري ڦورن جو ٽولو بڻجي ٻاهر رستن تي لٽين ڦرين ٿا.


هو پنهنجن ڪُوڙن ۽ بڇڙاين سان پنهنجن اميرن بلڪ بادشاهہ کي بہ ٺڳي ٿا وٺن.


اهي سڀ جو سڀ بي‌وفا آهن. اهي نانوائيءَ جي اهڙي تنور جيان آهن، جيڪو هميشہ تپيل رهي ٿو، ۽ جنهن ۾ اٽي ڳوهڻ کان وٺي ماني پچائڻ تائين، باهہ کي چورڻ پورڻ جي ڪابہ ضرورت ڪين ٿي رهي.


پر اوهين تہ نيڪيءَ کي ڌڪاريو ٿا، ۽ بڇڙائيءَ کي پسند ٿا ڪريو. جيئن ڪاسائي ڪٺل ڍور جي کل لاهي انهيءَ جي هڏين تان ماس رهڙي ٿو وٺي ۽ هڏا ڀڃي ٿو ڇڏي، ۽ پوءِ گوشت کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ديڳ ۾ رنڌڻ لاءِ ٿو وجھي، تيئن ئي اوهين منهنجي قوم وارن سان سلوڪ ٿا ڪريو. ڄڻ تہ اوهين انهن جو ماس کائي کائي چٽ ٿا ڪريو.


سو اي بني يعقوب جا اڳواڻؤ! هائو، اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! ٻڌو. اوهين جيڪي انصاف کان نفرت ٿا ڪريو، ۽ سچ کي ٽوڙي مروڙي ٿا ڇڏيو، سي هيءَ ڳالهہ ٻڌي ڇڏيو تہ


بدڪار ماڻهن پنهنجن گھرن ۾ بي‌ايمانيءَ سان حاصل ڪيل خزانا گڏ ڪري رکيا آهن. هو ماپ تور جا کوٽا پئمانا استعمال ٿا ڪن، جن کان مون کي نفرت آهي.


ساڳيءَ طرح هن ملڪ ۾ ڪو نيڪ ماڻهو نظر ئي نہ ٿو اچي. هائو، ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونہ آهي. هر ڪو ماڻهو ٻئي جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙ ۾ ويٺو آهي، ۽ پنهنجي هم‌وطنن کي شڪار ڪرڻ لاءِ هر ڪو ڄار وڇايو ويٺو آهي.


ويل آهي يروشلم شهر لاءِ! جيڪو فساد، پليتيءَ ۽ ظلم سان ٽمٽار آهي.


تڏهن هن مون کي سمجھايو تہ ”انهيءَ ويڙهوٽي ۾ لعنت لکيل آهي، جيڪا بني اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ پکڙجڻ واري آهي. ان ويڙهوٽي جي هڪ پاسي تي لکيل آهي تہ هر چور کي تڙي ڪڍيو ويندو، جڏهن تہ ان جي ٻئي پاسي تي لکيل آهي تہ ڪوڙ تي قسم کڻڻ وارو هر هڪ ماڻهو تڙيو ويندو.


انهيءَ لاءِ تہ سڀني نيڪن جو خون جيڪو ڌرتيءَ تي وهايو ويو سو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پوي، يعني نيڪ هابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي اوهان هيڪل جي اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو هو.


اهو ڪهڙو نبي هو جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ هنن انهن کي بہ مارايو، جن انهيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ هاڻي اوهان پاڻ انهيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آهي.


اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.


اوهين زنا نہ ڪريو.


اوهين چوري نہ ڪريو.


يهودين خداوند عيسيٰ کي توڙي نبين کي ماري وڌو ۽ اسان کي بہ ستائي تڙي ڪڍيائون. اهي خدا کي نہ ٿا وڻن ۽ سڀني ماڻهن جي برخلاف آهن.


مون انهيءَ عورت کي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو، جن کي عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ سبب قتل ڪيو ويو هو. آءٌ انهيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan