Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




هوسيع 3:4 - Muslim Sindhi Bible

4 بلڪل ساڳيءَ طرح اسرائيل وارا بہ گھڻي عرصي تائين بادشاهہ، حاڪم، قربانيءَ، کوڙيل بتن، فال وجھڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ بتن ۽ مذهبي وڳي کان سواءِ رهندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو بني اسرائيل گهڻا ئي ڏينهن بادشاهہ کان سواءِ، ۽ حاڪم کانسواءِ، ۽ قربانيءَ کانسواءِ، ۽ کوڙيل ٿنڀ کانسواءِ، ۽ اُفود يا ترافيم کانسواءِ رهندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




هوسيع 3:4
44 Iomraidhean Croise  

جڏهن لابن پنهنجن رڍن جي اُن ڪترڻ لاءِ ويل هو تہ راخل پنهنجي پيءُ جي گھر جا بت چوري ڪري کڻي ويئي.


راخل اهي بت کڻي اٺ جي پاکڙي ۾ رکي مٿن چڙهي ويٺي هئي. لابن سڄي تنبوءَ ۾ انهن جي ڳولا ڪئي پر ڪونہ لڌائين.


تنهنجي اولاد مان بادشاهي ڪڏهن ختم ڪين ٿيندي، اهي پيڙهي بہ پيڙهي پيا راڄ ڪندا، ۽ انهيءَ جي تڪميل سندن حقيقي حاڪم جي اچڻ سان ٿيندي، جنهن جي اڳيان قومن جو سر جھڪندو.


دائود کي انهيءَ مهل سڻيءَ جو مذهبي وڳو پيل هو ۽ هو خداوند جي حضور ۾ پنهنجي سڄي طاقت سان نچندو پئي هليو.


انهيءَ کان علاوہ يوسياہ بادشاهہ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن ۽ مورتين، بتن ۽ ٻين ڪراهت جهڙين شين، جيڪي يروشلم شهر توڙي سڄي يهوداہ جي ملڪ ۾ گھرن منجھہ توڙي ٻاهر ڏسڻ ۾ اينديون هيون، تن سڀني جي پاڙ پٽي ڇڏي. هن اهو انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن شريعت جون ڳالهيون قائم ڪري جيڪي انهيءَ ڪتاب ۾ لکيل هيون جيڪو سردار ڪاهن خلقياہ خداوند جي گھر مان لڌو هو.


تڏهن هو ٻاهر نڪري وڃي بادشاهہ آسا ۽ يهوداہ ۽ بنيامين قبيلي وارن سان مليو ۽ کين چيائين تہ ”اي آسا! اي سڀيئي يهوداہ ۽ بنيامين وارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهين خداوند سان هوندا تہ پوءِ خداوند بہ توهان ساڻ هوندو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ جا طالبو ٿيندا تہ هو بہ اوهان تي راضي ٿيندو. پر جيڪڏهن اوهين هن کي ڇڏي ڏيندا تہ هو بہ اوهان کي ڇڏي ڏيندو.


جيڪا پوشاڪ هو ٺاهيندا سا هيءَ آهي: هڪڙو سينابند، هڪڙو مذهبي فراڪ، هڪڙو جبو، هڪڙو چونڪڙين وارو پهراڻ، هڪڙي پڳ ۽ هڪڙو پٽو. هو تنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن لاءِ اها خاص پوشاڪ ٺاهين، تہ جيئن اهي منهنجي لاءِ ڪاهن بڻجي اها پوشاڪ پائين.


هو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن، سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون سان مذهبي فراڪ ٺاهين، جنهن تي ڪاريگريءَ سان ڪم ٿيل هجي.


صيئون جا دروازا بہ هيٺ ڪري ڌرتيءَ ۾ دٻجي ويا آهن، ۽ سندن تالا هڻڻ وارا گز ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا آهن. صيئون جا سڀيئي رهنمائي ڪندڙ گم ٿي ويا آهن. بادشاهہ ۽ شهر جا امير غير قومن ۾ جلاوطن ڪيا ويا آهن، شريعت جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪوبہ ڪونهي، ۽ نبين کي خداوند جي طرفان ڪا رويا ڪا نہ ٿي ملي.


ان جي هڪڙي شاخ کي باهہ لڳي، جنهن انهيءَ ول جو ميوو ۽ سڀ شاخون ساڙي ڇڏيون. جنهنڪري هاڻي انهيءَ ۾ ڪابہ مضبوط شاخ نہ رهي آهي، جيڪا حڪمرانيءَ واري شاهي لٺ بڻجي سگھي.‘“ هي اهو مرثيو آهي، جيڪو وري وري ڳايو ٿو وڃي.


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪو خيال اوهان جي دلين ۾ پيدا ٿئي ٿو سو ڪڏهن بہ پورو نہ ٿيندو. اوهين سوچو ٿا تہ ’اسين بہ غير قومن ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ قبيلن جي ريتن رسمن تي هلي ڪاٺ ۽ پٿر جي بندگي ڪنداسين.‘ پر ائين ڪڏهن نہ ٿيندو.


انهيءَ کان پوءِ تون جلاوطن ڪيلن کي سمجھاءِ تہ هاڻي جڏهن بابل جو بادشاهہ تلوار سميت انهيءَ نشان ڏيکاريل ٻہ واٽي تي اچي بيهندو، تڏهن هو ڦال وجھندو تہ ڪهڙي رستي سان وڃي. ان لاءِ هو پنهنجا تير لوڏيندو، پنهنجي بتن سان صلاح مشورو ڪندو ۽ قرباني ڪيل جانورن جي جيري کي آزمائيندو.


آءٌ تو تي پنهنجو غضب نازل ڪندس، ۽ پنهنجي قهر جي باهہ تو تي ڀڙڪائيندس. آءٌ تو کي ظالم ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، جيڪي ماري چٽ ڪرڻ ۾ ماهر آهن.


سو هو مقدس هيڪل ۾ پنهنجي فوج بيهاري بني اسرائيل جي انهيءَ پناهہ‌گاهہ جي بي‌حرمتي ڪندو. هو روزانو واريون قربانيون بند ڪري ڇڏيندو ۽ بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ اتي رکندو.


جڏهن هيڪل ۾ روزانو واريون قربانيون بند ڪيون وينديون ۽ بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ اتي رکي ويندي، تنهن وقت کان وٺي هڪ هزار ٻہ سؤ نوي ڏينهن ٿيندا.


اهو ڌاريو حڪمران آخري هڪڙن ستن سالن جي لاءِ گھڻن ئي ماڻهن سان مضبوط عهد اقرار ڪندو. انهيءَ مدي جي اڌ وقت گذرڻ تي هو هيڪل ۾ قرباني ۽ نذرانو بند ڪرائي ڇڏيندو ۽ هيڪل اندر بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ رکي ويندي، ايستائين جو انهيءَ شيءِ جي رکندڙ تي مقرر ڪيل غضب اچي نازل ٿيندو.“


هاڻي اوهان جو اهو بادشاهہ ڪٿي آهي، جيڪو دشمنن کان اوهان ۽ اوهان جي شهرن کي بچائي؟ ڪٿي آهن اوهان جا اهي حاڪم جن بابت اوهان چيو ٿي تہ ’اسان جي مٿان بادشاهہ ۽ حاڪم مقرر ڪيا وڃن.‘


تڏهن مون غصي ۾ اچي اوهان کي بادشاهہ ڏنا، ۽ پوءِ پنهنجي غضب وچان انهن کي بہ هٽائي ڇڏيو.


آءٌ هن جون سموريون خوشيون ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، نئين چنڊ، سبت ۽ سندس عيدن جا ڏينهن، مطلب تہ سندس سڀ پاڪ گڏجاڻين جا ڏينهن آءٌ کيس ملهائڻ نہ ڏيندس.


پوءِ هن هارون کي پهراڻ پارائي پٽو ٻڌو ۽ جبو ڍڪايائينس. انهيءَ جي مٿان مذهبي فراڪ وڌائينس ۽ ڪاريگريءَ سان اُڻيل مذهبي فراڪ وارو ڪمربند بہ چيلهہ سان ٻڌي قابو ڪيائينس.


بوتا ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن، ۽ فالون وجھندڙ ڪوڙيون رويائون ٿا ڏسن. هو ڪوڙا خواب ٻڌائي ماڻهن کي دلداري ٿا ڏين، جڏهن تہ هنن جي اها دلداري اجائي آهي. سو ماڻهو بنا ريڍار جي رڍن وانگر رلي ويا آهن، هائو، کين ستايو وڃي ٿو، ڇو تہ سندن ڪوبہ ڌڻي سائين ڪونهي.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن آءٌ سڄي ملڪ مان سڀني بتن جو نالو نشان مِٽائي ڇڏيندس ۽ اڳتي انهن کي ڪوبہ ياد نہ ڪندو. آءٌ نبي سڏائيندڙن کي بہ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس ۽ ماڻهن جي دلين مان ناپاڪ خواهشن کي ختم ڪري ڇڏيندس.


انهن مان ڪن کي تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ ڪن کي قيد ڪري ٻين قومن ۾ وٺي ويندا. جيستائين غير قومن جو مدو پورو نہ ٿيندو، تيستائين اهي يروشلم کي لتاڙينديون رهنديون.“


پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس. وڃي صليب تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي بادشاهہ کي صليب تي چاڙهيان؟“ سردار ڪاهنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ بادشاهہ نہ آهي.“


ياد رکو، جيڪڏهن اسين سچ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻي‌واڻي گناهہ ڪندا رهون تہ گناهن جي مِٽائڻ لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي ناهي رهي.


ميڪاہ هڪڙو ٻيو مجسمو ۽ ننڍڙا بت ٺاهيا ۽ اهي بہ پنهنجي بت‌خاني ۾ رکيائين. هن پنهنجي پٽن مان هڪڙي کي مخصوص ڪري پنهنجي ڪاهن طور مقرر ڪيو.


تڏهن جيڪي پنج ماڻهو ليس جي ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ ويا هئا تن پنهنجن ساٿين کي چيو تہ ”ڇا اوهان کي خبر آهي تہ هتي هڪڙي گھر ۾ مجسمو، ننڍڙا بت ۽ اُڪريل ۽ مٿس چاندي پلٽيل هڪڙو بت رکيل آهي؟ تنهنڪري هاڻي سوچو تہ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“


جِدعون انهيءَ مان هڪڙو مجسمو ٺهرايو جيڪو پنهنجي شهر عفرہ ۾ کوڙي ڇڏيائين. تڏهن بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو خدا سان بي‌وفائي ڪندي انهيءَ جي پوڄا ڪرڻ لڳا. سو اهو مجسمو جِدعون ۽ سندس گھراڻي لاءِ هڪڙو ڦندو بڻجي پيو.


انهن ۾ اخياہ بہ مذهبي وڳو پايو ويٺو هو. هو يڪبود جي ڀاءُ اخيطوب بن فينحاس بن عيلي جو پٽ هو. عيلي سيلا شهر ۾ خداوند جو ڪاهن هو. ماڻهن کي اها خبر ئي ڪانہ هئي تہ يونتن هليو ويو آهي.


بغاوت ۽ جادوگريءَ جو گناهہ هڪجهڙو ئي آهي، سرڪشي بتن جي پوڄا ڪرڻ برابر آهي. سو جيئن تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو آهي، تنهنڪري هن بہ تنهنجي بادشاهيءَ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.“


انهن ڏينهن ۾ سموئيل جيڪو اڃا ٻار هو، سو سڻيءَ جي ڪپڙي جو مذهبي وڳو پهري خداوند جي خدمت ڪندو هو.


ڪاهن وراڻيس تہ ”جالوت فلستي، جنهن کي تو ايلاہ جي ماٿريءَ ۾ قتل ڪيو هو، تنهن جي تلوار هتي مذهبي وڳي جي پٺيان ڪپڙي ۾ ويڙهي رکي آهي. جيڪڏهن تون اها کڻڻ گھرين تہ کڻ. باقي انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ تلوار هتي ڪانهي.“ تڏهن دائود چيس تہ ”انهيءَ جهڙي ٻي تلوار تہ ڪا آهي ئي ڪانہ. اها مون کي ڏي.“


تڏهن بادشاهہ دوئيگ کي چيو تہ ”تون اُٿ ۽ ڪاهنن تي حملو ڪر.“ پوءِ دوئيگ ادوميءَ اُٿي ڪاهنن تي حملو ڪيو. انهيءَ ڏينهن هن پنجاسي ڪاهن ماريا، جيڪي سڻيءَ جي ڪپڙي جو مذهبي وڳو پائيندا هئا.


جڏهن ابي‌ياتر ولد اخيملڪ ڀڄي دائود وٽ قعيلہ ۾ آيو هو تہ پاڻ سان مذهبي وڳو بہ کڻي آيو هو.


دائود کي جڏهن اها خبر پيئي تہ سائول کيس نقصان پهچائڻ جا منصوبا پيو جوڙي، تڏهن هن ابي‌ياتر ڪاهن کي چيو تہ ”مذهبي وڳو کڻي اچ.“


پوءِ دائود اخيملڪ جي پٽ ابي‌ياتر ڪاهن کي چيو تہ ”مون کي مذهبي وڳو آڻي ڏي.“ تڏهن ابي‌ياتر اهو کڻي دائود وٽ آيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan