Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




هوسيع 3:2 - Muslim Sindhi Bible

2 سو مون چانديءَ جي پندرهن سڪن ۽ هڪ سؤ پنجاهہ ڪلوگرام جَون جي عيوض اها عورت پنهنجي لاءِ خريد ڪئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تڏهن مون اهڙي زال چانديءَ جا پندرهن سڪا، ۽ جَوَن جو ڏيڍ خومر ڏئي خريد ڪئي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




هوسيع 3:2
9 Iomraidhean Croise  

اهي ويهہ سال آءٌ توهان جي گھر ۾ رهيس. مون چوڏهن سال توهانجين ڌيئرن جي لاءِ ۽ ڇهہ سال توهانجين رڍن ٻڪرين جي لاءِ پورهيو ڪيو ۽ توهان منهنجو معاوضو ڏهہ ڀيرا بدلايو سدلايو.


جيترو بہ مُلهہ ۽ سوکڙيون پاکڙيون اوهين گھرندا سو آءٌ اوهان جي چوڻ موجب ڏيندس، پر اها ڇوڪري مون کي پرڻائي ڏيو.“


جيڪڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جو پيءُ کيس انهيءَ جي ٻانهن ڏيڻ لاءِ بلڪل راضي نہ ٿئي، تہ هو ڪنوارين ڇوڪرين جي ڏاج جيترا پئسا کيس ڏئي.


ڏهن ايڪڙن جي انگورن جي باغ مان ڏهہ ليٽر مئي بہ نہ نڪرندي، هڪ ٻوري اناج جي ٻج مان هڪڙي تغاري بہ اناج پيدا نہ ٿيندو.“


خشڪ شيون ماپڻ وارو ماپو ايفہ، پاڻياٺ واريون شيون ماپڻ واري ماپي بٿ جي برابر هئڻ گھرجي. انهن جي ماپ جو معيار خومر مطابق هن طرح هجي: 1 خومر برابر 10 ايفہ برابر 10 بٿ.


تنهن هوندي بہ مون کيس چيو تہ ”تون هاڻي گھڻي وقت تائين رڳو منهنجي انتظار ۾ رهہ ۽ آءٌ بہ تنهنجي ويجھو ڪونہ ايندس بلڪ تنهنجي انتظار ۾ رهندس. ان وقت تائين تون ڪنهن ٻئي سان وڃي نہ سمهج. هائو، تون ڪسب هرگز نہ ڪرائج.“


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ميراث واري ٻنيءَ جو ڪو ڀاڱو، مون خداوند جي لاءِ وقف ڪري، تہ جيترو ٻج انهيءَ ۾ پوکي سگھجي، تنهن موجب انهيءَ جي قيمت مقرر ڪئي ويندي. جيتري زمين ۾ هڪ سؤ ڪلوگرام وزن جيترو جوَن جو ٻج پوکي سگھجي، اوتري زمين جي قيمت چانديءَ جا پنجاهہ سڪا ٿيندي.


انهيءَ کان علاوہ محلون جي بيوہ رُوت موآبڻ کي بہ آءٌ پنهنجي زال ڪري وٺان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ فوتيءَ جو نالو سندس ميراث تي قائم رهي، تان‌تہ سندس نالو سندس مائٽن مان ۽ سندس گھر جي دروازي تان ميٽجي نہ وڃي. اوهين اڄ انهيءَ جا شاهد آهيو.“


سائول کين چيو تہ ”اوهين دائود کي وڃي چئو تہ ’بادشاهہ ڪوبہ ڪابين وٺڻ نہ ٿو گھري. هو رڳو پنهنجي دشمن فلستين کان بدلي وٺڻ طور هڪ سؤ مئل فلستين جون طهر واريون کلڙيون وٺندو.‘“ اهڙيءَ طرح سائول منصوبو ٺاهيو تہ جيئن دائود فلستين جي هٿان مارجي وڃي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan