هوسيع 3:1 - Muslim Sindhi Bible1 خداوند مون هوسيع کي وري فرمايو تہ ”اي هوسيع! وڃ، تنهنجي اها زال جيڪا تو کي ڇڏي ٻين کان زناڪاري ٿي ڪرائي، تنهن سان تون رابطو ڪري وري محبت رک. اهو مون خداوند جو مثال ٿيندو، جهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل وارن سان محبت ٿو رکان، توڙي جو اهي ڦري ٻين معبودن جي اڳيان جھڪيا آهن ۽ بتن آڏو ڪشمش جون ٽڪيون خوشيءَ سان نذراني طور پيش ڪن ٿا.“ Faic an caibideilSindhi Bible1 ۽ خداوند مون کي چيو تہ اڃا بہ وڃ، وڃي هڪڙي زال سان محبت رک، جا پنهنجي يار جي پياري ۽ زناڪار هجي، جهڙي طرح خداوند بني اسرائيل سان محبت رکي ٿو، جيتوڻيڪ هو ڦري ٻين معبودن ڏانهن منهن ڪن ٿا، ۽ ڪشمش جون ٽڪيون پسند ڪن ٿا. Faic an caibideil |