هوسيع 2:8 - Muslim Sindhi Bible8 هن اهو بلڪل نہ ٿي مڃيو تہ آءٌ ئي اهو خدا آهيان، جنهن کيس اناج، مئي ۽ زيتون جو تيل ڏنو، ۽ مون ئي کيس اهو جھجھو سون ۽ چاندي عطا ڪيو، جيڪو هن بعل ديوتا جي پوڄا تي خرچ ڪيو. Faic an caibideilSindhi Bible8 ڇالاءِ جو هن کي خبر نہ هئي تہ مون هن کي اَن ۽ شراب، ۽ تيل ڏنو، ۽ چاندي ۽ سون وڌايومانس، جو هنن بعل جي لاءِ ڪم ٿي آندو. Faic an caibideil |
اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.