Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




هوسيع 2:7 - Muslim Sindhi Bible

7 هوءَ پنهنجي عاشقن جي پٺيان لڳندي، پر کين پهچي ڪين سگھندي. هائو، هوءَ انهن کي ڳوليندي رهندي پر لهي نہ سگھندن. تڏهن هوءَ چوندي تہ ’آءٌ پنهنجي پهرئين مڙس ڏانهن موٽي وينديس، ڇو تہ هاڻي جي ڀيٽ ۾ منهنجي ان وقت واري حالت بهتر هئي.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ هوءَ پنهنجي سينڌن جي پٺيان لڳندي، پر انهن کي وڃي پهچي نہ سگهندي؛ ۽ هوءَ انهن کي ڳوليندي، پر انهن کي ڪين لهندي: پوءِ هوءَ چوندي تہ آءٌ موٽي پنهنجي پهرين مڙس وٽ وينديس؛ ڇالاءِ جو تڏهن منهنجي حالت هاڻوڪيءَ کان بهتر هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




هوسيع 2:7
41 Iomraidhean Croise  

هن دمشق جي ديوتائن جي لاءِ قربانيون ڪيون، ڇاڪاڻ تہ سندس خيال موجب هنن ئي کيس شڪست ڏياري هئي. هن سوچيو تہ ”جيئن تہ ارام جي بادشاهن جي ديوتائن هنن جي مدد ڪئي هئي، سو آءٌ بہ انهن جي لاءِ قربانيون ڪندس تہ جيئن هو منهنجي بہ مدد ڪندا.“ پر آخز جو اهو عمل سڀني يهوداہ وارن لاءِ تباهيءَ جو سبب بڻيو.


خداوند مون تي ايڏو تہ احسان ڪيو آهي، جو مون کي وري ڪابہ ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي.


بلڪ اوهان چيو تہ ”نہ، اسين گھوڙن تي چڙهي ڀڄي وينداسين.“ سو اوهين ڀڄي ضرور ويندا پر بچي ڪين سگھندا. اوهان هي بہ چيو تہ ”اسين تيز رفتار جانورن تي سوار ٿي دشمن کان بچي وينداسين.“ پر ياد رکو، اوهان جو پيڇو ڪندڙ دشمن اوهان کان وڌيڪ تيز رفتار هوندا.


ڇا غير قومن جا بيڪار بت مينهن وسائي ٿا سگھن؟ ڇا آسمان پنهنجو پاڻ وسڪارو ڪري ٿا سگھن؟ هرگز نہ، اي خداوند! اسان جا خدا! ائين رڳو تون ئي ڪري سگھين ٿو. تنهنڪري اسان جي اميد تو ۾ ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ رڳو تنهنجي وس ۾ آهي.“


”وڃ، وڃي يروشلم ۾ منادي ڪري مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون کي اوهان جي اُها بي‌انتها محبت ياد آهي، جيڪا اوهين شروعات ۾ مون سان ڪندا هئا، هائو، ڪنوار جهڙي اوهان جي اُها محبت ياد اٿم، جيڪا اوهين مون سان ڪندا هئا. اهو بہ ياد اٿم تہ ڪيئن اوهين غير آباد رڻ‌پٽ ۾ منهنجي پٺيان هلندا هئا.


ڀلا، ان وقت اوهان جا اهي معبود ڪٿي هوندا آهن، جيڪي اوهان پنهنجي لاءِ جوڙيا آهن؟ جيڪڏهن اُهي اوهان کي مصيبت مان بچائي سگھن تہ ڀلي اچي اوهان کي بچائين. اي يهوداہ! جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا ئي تو ۾ معبود آهن.“


تون پنهنجا رستا بدلائيندي بدلائيندي ڪيتري نہ گمراهہ ٿي ويئي آهين! جيئن اشور کان تو کي نااميدي ملي هئي تيئن مصر کان بہ نااميدي ئي ملندءِ.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي ۽ اُها وڃي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پرڻجي، تہ پوءِ ڇا سندس پهريون مڙس وري وٽس ويندو؟ ائين ڪرڻ سان ڇا ملڪ بلڪل پليت نہ ٿيندو؟ ساڳئيءَ طرح اي منهنجي قوم! تون بہ هڪ ڪڃريءَ وانگر گھڻن ئي يارن سان رهي آهين، انهيءَ حالت ۾ آءٌ تو کي ڪيئن ٿو قبول ڪري سگھان؟


يقيناً مون اسرائيل وارن کي روئندي رڙندي ۽ هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’اي خداوند! تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني آهي، جهڙي جڙ گابي کي ڏبي آهي، ۽ اسين سکي ويا آهيون. سو تون اسان کي توفيق ڏي تہ هاڻ اسين تو آڏو توبهہ‌تائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ تون خداوند اسان جو خدا آهين.


اهو عهد انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو، جڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندي کين مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. هنن اهو عهد ٽوڙي ڇڏيو هو، توڙي جو آءٌ سندن مالڪ هئس.


بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين.


تو پنهنجا ڀرت وارا ڪپڙا ڪڍي انهن مورتين کي ڍڪايا ۽ منهنجو ڏنل زيتون جو تيل ۽ لوبان کڻي وڃي انهن اڳيان رکيو.


پوءِ وري جڏهن آءٌ تو وٽان لنگھيس تہ تو ڏانهن نهاريم ۽ ڏٺم تہ تنهنجي عمر عشق جي عمر کي اچي پهتي آهي. سو مون پنهنجي چادر تو تي وڌي ۽ تنهنجي اوگھڙ ڍڪيم. هائو، مون خداوند تو سان قسم کڻي عهد اقرار ڪيو ۽ تون منهنجي ٿي وئينءَ.


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪو خيال اوهان جي دلين ۾ پيدا ٿئي ٿو سو ڪڏهن بہ پورو نہ ٿيندو. اوهين سوچو ٿا تہ ’اسين بہ غير قومن ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ قبيلن جي ريتن رسمن تي هلي ڪاٺ ۽ پٿر جي بندگي ڪنداسين.‘ پر ائين ڪڏهن نہ ٿيندو.


هوءَ پنهنجي اشوري يارن سان رنگ رليون ملهائڻ لاءِ آتي هئي. انهن ماڻهن مان ڪي نواب، حاڪم ۽ شهسوار هئا، ۽ ڪي جنگي سپاهي هئا جن جون ورديون عمدن ڪپڙن مان ٺهيل هيون. اهي سڀ دلپسند جوان مرد هئا.


خداوند خدا فرمايو تہ ”سو اي اهوليبہ! ياد رک، آءٌ تنهنجي انهن يارن کي تنهنجي خلاف اٿاري کڙو ڪندس، جن کان تون بيزار ٿي ويئي آهين. اهي اچي چئني طرفن کان تنهنجو گھيرو ڪندا.


انهن مان وڏيءَ جو نالو اهولہ هو ۽ ننڍيءَ ڀيڻ جو نالو اهوليبہ هو. اهي ٻيئي مون سان پرڻيون ۽ منهنجا ٻار ڄڻيائون. انهن مان اهولہ جو مثال سامريہ سان ۽ اهوليبہ جو مثال يروشلم سان ٿو ڏجي.


آسماني نگهبانن جي اها ئي فتويٰ آهي، هائو، پاڪن جي طرفان اهو ئي فيصلو ٻڌايو وڃي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هر ساهوارو اها ڳالهہ قبول ڪري، تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي بادشاهت عطا ڪري ٿو، پوءِ اهو بلڪل ادنيٰ ماڻهو ئي کڻي ڇو نہ هجي.“


ماڻهو توهان کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ توهان جو رهڻ جھنگ جي جانورن سان ٿيندو. توهين ڍڳن وانگر گاهہ چرندا ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندا رهندا. ائين توهان تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو توهين قبول ڪريو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.


ماڻهو تو کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ تون جھنگلي جانورن سان وڃي رهندين. تون ڍڳن وانگر گاهہ چرندين ۽ ائين تو تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو تون قبول ڪرين تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.“


هن کي انسانن منجھان هڪالي ڪڍيو ويو ۽ سندس انساني سوچ بدلائي جانورن جهڙي ڪئي ويئي. هو گورخرن سان گڏ رهڻ لڳو ۽ ڍورن وانگر گاهہ کائيندو هو ۽ سندس بدن آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسيل رهندو هو. اهو تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين هن قبول نہ ڪيو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو ۽ جنهن کي هو چاهي تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.


خداوند شروع ۾ هوسيع کي فرمايو تہ ”اي هوسيع! جيئن تہ اسرائيل وارا هڪ بي‌وفا زال وانگر مون خداوند کان ڦري ويا آهن. سو تون وڃي هڪڙي بي‌وفا عورت سان شادي ڪر ۽ سندس ئي جهڙا ٻار پيدا ڪر.“


پر جڏهن اوهين سرسبز ملڪ ۾ داخل ٿيا، ۽ اوهان کائي پي ڍءُ ڪيو، هائو، جڏهن اوهان جو پيٽ ڀريو، تڏهن اوهين مغرور ٿي ويا ۽ اوهان مون کي وساري ڇڏيو.


اي اسرائيل وارؤ! اوهان جي بدڪاريءَ ئي اوهان کي ٿاٻو ڏيئي ڪيرايو آهي، تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو.


پوءِ انهيءَ ڏينهن هوءَ مون کي وري پنهنجو مڙس سڏيندي، ۽ اڳتي مون کي پنهنجو بعل نہ سڏيندي،


يهوداہ وارن پنهنجو زخم ڏٺو، ۽ اسرائيل وارن جي جڏهن پنهنجي مرض تي نظر پئي، تڏهن هو اشور ملڪ ڏانهن ويا، تان‌تہ اتان جي عظيم شهنشاهہ کان علاج ڪرائين. پر هو انهن کي شفا ڏيئي نہ سگھيو، نڪي هو يهوداہ وارن جو زخم ڇٽائي سگھندو.


پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس، ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين، ۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾ دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan