هوسيع 2:5 - Muslim Sindhi Bible5 سندن زناڪار ماءُ جنهن مان اهي ٻار پيدا ٿيا، تنهن هڪ تہ زناڪاري ڪري بيحيائيءَ جو ڪم ڪيو، ٻيو وري چوي ٿي تہ ’آءٌ پنهنجي انهن زناڪار يارن جي پٺيان لڳي وينديس، جيڪي مون کي کاڌو توڙي پاڻي، بلڪ اُن، سڻي، زيتون جو تيل ۽ مئي پڻ ڏين ٿا.‘ Faic an caibideilSindhi Bible5 ڇالاءِ جو هنن جي ماءُ ڪڃري ٿي گذاريو آهي: جنهن جي پيٽ ۾ هو هئا، تنهن خواريءَ جهڙو ڪم ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ آءٌ پنهنجن يارن جي پٺيان وينديس، جي مون کي ماني ۽ پاڻي، اُن ۽ سڻي، تيل ۽ شراب ٿا ڏين. Faic an caibideil |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.
خداوند مون هوسيع کي وري فرمايو تہ ”اي هوسيع! وڃ، تنهنجي اها زال جيڪا تو کي ڇڏي ٻين کان زناڪاري ٿي ڪرائي، تنهن سان تون رابطو ڪري وري محبت رک. اهو مون خداوند جو مثال ٿيندو، جهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل وارن سان محبت ٿو رکان، توڙي جو اهي ڦري ٻين معبودن جي اڳيان جھڪيا آهن ۽ بتن آڏو ڪشمش جون ٽڪيون خوشيءَ سان نذراني طور پيش ڪن ٿا.“
خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو، جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي، مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو، جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي. هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل، جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي. پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي، جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو، ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.