Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




هوسيع 2:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن آءٌ سندس اولاد تي ڪو رحم نہ ڪندس، ڇو‌جو اهي زناڪاريءَ مان پيدا ٿيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 هائو، آءٌ هن جي اولاد تي رحم نہ ڪندس، ڇالاءِ جو اُهي زنا جو اولاد آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




هوسيع 2:4
17 Iomraidhean Croise  

جڏهن يورام ييهوءَ سان مليو تڏهن کانئس پڇيائين تہ ”اي ييهو! خير سان تہ آيو آهين؟“ تنهن تي ييهوءَ وراڻيس تہ ”جيستائين تنهنجي ماءُ ايزبل جي بت‌پرستي ۽ جادوگري ايتريون وڌيل هونديون تيستائين خير ڇا جو.“


جڏهن وڻن جا اهي ڏار سڪي سڙي ڀڄي پون ٿا، تڏهن عورتون انهن کي ميڙي ٻارڻ جي ڪم ٿيون آڻين. پر هيءَ قوم انهن ڳالهين کي سمجھي ئي ڪونہ ٿي، تنهنڪري سندن خالق مٿن ڪو رحم نہ ٿو ڪري. هائو، سندن جوڙيندڙ مٿن مهربان نہ ٿو ٿئي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.


خداوند بت‌پرستن کي فرمائي ٿو تہ ”اي گنهگارؤ! اوهين جادوگرن جو اولاد، ۽ زناڪارن ۽ ڪسب ڪندڙن جو نسل آهيو. هاڻي اوهين عدالت ۾ اچي صفائي ڏيو تہ


آءٌ هنن مان سڀني کي پوءِ اهي توڙي جو پيئر هجن يا پٽ، مَٽن جيان هڪٻئي مٿان اڇلائي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس، انهن تي ڪو قياس نہ ڪندس، نڪي ترس کائيندس. کين ناس ڪرڻ وقت رحم نہ ڪندس.“


آءٌ خداوند تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ تون ڪنهن بہ اهڙي گھر ۾ داخل نہ ٿيءُ جتي ڪو مري ويو هجي. تون اتي افسوس ڪرڻ ۽ همدردي ڏيکارڻ لاءِ نہ وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن قوم تان سلامتي، شفقت ۽ رحمت کڻي ورتي آهي.


آءٌ پنهنجي غيرت سببان تنهنجو مخالف بڻجي ويندس. اهي تو سان ڏاڍي سختيءَ سان پيش ايندا. اهي تنهنجو نڪ ۽ ڪن وڍي ڇڏيندا ۽ تنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. هائو، اهي تنهنجا پٽ ۽ ڌيئر تو کان کسي کين جيئرو باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.


تنهنڪري آءٌ بہ ساڻن قهر واري هلت ڪندس. آءٌ هنن سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ توڙي جو هو وڏيون رڙيون ڪري مون آڏو فرياد ڪندا تہ بہ آءٌ مٿن ڪو ڌيان ڪونہ ڏيندس.“


سو آءٌ کانئن هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ آءٌ ساڻن اهو ئي ڪجھہ ڪندس جيڪي هنن ٻين سان ڪيو آهي.“


خداوند شروع ۾ هوسيع کي فرمايو تہ ”اي هوسيع! جيئن تہ اسرائيل وارا هڪ بي‌وفا زال وانگر مون خداوند کان ڦري ويا آهن. سو تون وڃي هڪڙي بي‌وفا عورت سان شادي ڪر ۽ سندس ئي جهڙا ٻار پيدا ڪر.“


جُمر وري پيٽ سان ٿي ۽ کيس هڪ ڌيءَ ڄائي. تڏهن خداوند هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ جو نالو لورحامہ رک، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اسرائيل وارن تي اڳتي وري رحم نہ ڪندس، نڪي کين ڪنهن طرح معافي ڏيندس.


هنن مون خداوند سان بي‌وفائي ڪئي آهي، جنهن جي ڪري هنن جو اولاد منهنجو نہ آهي، ۽ اهي ناجائز اولاد آهن. هاڻ اهي ۽ سندن اولاد هڪڙي مهيني جي اندر سندن ملڪيت سميت نيست وَ نابود ٿي ويندا.


تڏهن انهيءَ ملائڪ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي قادر‌مطلق خداوند! ڪيستائين تون يروشلم بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن تي رحم نہ ڪندين، جن کان تون ستر سالن کان ناراض آهين؟“


اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان جي پيءُ ڪيا آهن.“ تڏهن انهن وراڻيو تہ ”اسين ناجائز اولاد آهيون ڇا؟ اسان جو پيءُ تہ هڪڙو ئي آهي، يعني خدا.“


سو خدا جي مهربانيءَ ۽ سختيءَ کي ڌيان ۾ رکو. هو سختي انهن تي ٿو ڪري جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن، جڏهن تہ اوهان تي مهرباني ٿو ڪري. پر شرط هي آهي تہ اوهين سندس مهربانيءَ جو قدر ڪندا رهو، نہ تہ اوهين بہ ڀڃي اڇلايا ويندا.


مطلب تہ خدا جنهن تي رحم ڪرڻ گھري ٿو، تنهن تي رحم ڪري ٿو ۽ جنهن کي ضد تي قائم رکڻ گھري ٿو تنهن جي دل کي سخت ڪري ٿو.


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan