هوسيع 2:12 - Muslim Sindhi Bible12 آءٌ سندس اهي انگورن جا باغ، ۽ انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيندس، جن بابت هن چيو آهي تہ ’هي منهنجي يارن جو ڏنل عيوضو آهن.‘ آءٌ انهن باغن کي جھنگ بڻائي ڇڏيندس، جن کي جھنگلي جانور برباد ڪري ڇڏيندا. Faic an caibideilSindhi Bible12 ۽ آءٌ هن جون ڊاکون، ۽ هن جا انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيندس، جنهن جي نسبت ۾ هن چيو آهي تہ اهي منهنجن سينڌن جي ڏنل خرچي آهن: ۽ آءٌ انهن کي ٻيلو ڪري ڇڏيندس، ۽ جهنگ جا مرون اُنهن کي پيا کائيندا. Faic an caibideil |
هو اوهان جي فصلن ۽ کاڌ خوراڪ کي ڳڙڪائي ويندا ۽ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. نہ رڳو ايترو پر هو اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڪهي ڇڏيندا ۽ اوهان جا انگورن جا باغ ۽ انجير جا وڻ پڻ ناس ڪري ڇڏيندا. اوهان جا ڪوٽن وارا شهر جن تي اوهين ڀاڙيون ويٺا آهيو، تن تي هو ڪاهہ ڪري انهن کي برباد ڪري ڇڏيندا.“