سو آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ تو کي ايترو تہ گھڻو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن، يا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا آهن. تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن تي فتح حاصل ڪندو.
اهو نئون عهد هي آهي، جيڪو آءٌ بني اسرائيل سان ان وقت ٻڌندس: آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي ذهنن ۾ وجھندس ۽ سندن دلين تي پڻ لکي ڇڏيندس. آءٌ هنن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.
مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود، قادرِمطلق خداوند، نہ اسرائيل وارن کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ نہ وري يهوداہ وارن کي، جيتوڻيڪ هنن پنهنجي ملڪن کي منهنجي خلاف ڏوهن سان ڀري ڇڏيو آهي.