هوسيع 11:3 - Muslim Sindhi Bible3 تڏهن بہ مون پنهنجي قوم کي پنهنجو پٽ سمجھي هنج کنيو ۽ هلڻ سيکاريو، پر هنن اهو بہ نہ ڄاتو تہ مون ئي هر وقت سندن سار سنڀال لڌي آهي. Faic an caibideilSindhi Bible3 پر مون افرائيم کي هلڻ سيکاريو، مون هنن کي پنهنجين ٻانهن تي کنيو؛ پر هنن کي اها خبر نہ پيئي تہ مون هنن کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو. Faic an caibideil |
خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“