5 انهيءَ ڏينهن آءٌ يزرعيل جي ماٿريءَ ۾ اسرائيل جي لشڪر جو زور بہ ٽوڙي ڇڏيندس.“
5 ۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ يزرعيل جي واديءَ ۾ اسرائيل جي ڪمان ڀڃندس.
فقحہ جي ڏينهن ۾ اشور جو شهنشاهہ تِگلت پلاسر اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ عيون، ابيل بيتمعڪہ، ينوحاہ، قادس ۽ حصور شهر، جِلعاد جو علائقو، گليل ڍنڍ جي آسپاس وارو علائقو ۽ نفتاليءَ جو سڄو علائقو قبضي هيٺ ڪيائين ۽ هو ماڻهن کي پڻ قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو.
پر انهن جون پنهنجيون تلوارون سندن ئي دلين ۾ گھڙي وينديون، ۽ سندن تيرڪمان ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوندا.
هو پوريءَ دنيا ۾ جنگيون بند ڪري ڇڏي ٿو. هائو، هو تيرڪمان ڀڃي ڇڏي ٿو، ڀالن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو، ۽ ڍالن کي پڻ باهہ ۾ ساڙي ڇڏي ٿو.
هڪ تباهي مچائيندڙ لشڪر بابل تي ڪاهي آيو آهي. بابل جا جنگي جوڌا پڪڙيا ويا آهن، ۽ انهن جا جنگي هٿيار ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪيا ويا آهن. بيشڪ آءٌ خداوند بدلو وٺندڙ خدا پورو پورو بدلو ٿو وٺان.
پر آءٌ ڌڪ هڻي تنهنجي کاٻي هٿ مان تيرڪمان ۽ ساڄي هٿ مان تير ڪيرائي وجھندس.
انهيءَ ڏينهن آءٌ جھنگلي جانورن، پکين ۽ سرندڙ جيتن کي حڪم ڪندس تہ اهي منهنجي قوم کي ڪوبہ نقصان نہ پهچائين. آءٌ سڄي اسرائيل ملڪ مان جنگ جا هٿيار نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندس. هائو، تيرڪمان توڙي تلوارون سڀيئي ناس ڪري ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي قوم کي سندن ملڪ ۾ امن وَ امان سان رهڻ ڏيندس.
هنن وراڻيو تہ ”اهو جابلو علائقو اسان جي لاءِ ڪافي ناهي ۽ انهيءَ ماٿريءَ واري ملڪ ۾ جيڪي ڪنعاني رهن ٿا يعني بيتشان شهر ۽ آسپاس جي ڳوٺن وارا ۽ يزرعيل ماٿريءَ وارا، تن سڀني وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن.“
تڏهن سڀ مدياني، عماليقي ۽ اوڀر جا ماڻهو اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيا ۽ اردن درياءُ پار ڪري يزرعيل جي ماٿريءَ ۾ وڃي خيما کوڙيائون.