Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




هوسيع 1:10 - Muslim Sindhi Bible

10 انهيءَ هوندي بہ اسرائيل وارن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، جيڪا نہ ماپي ٿي سگھجي ۽ نہ ڳڻي ٿي سگھجي. پوءِ جنهن هنڌ کين ائين چيو ويندو هو تہ ”اوهين خداوند جي قوم نہ آهيو،“ انهيءَ هنڌ کين هيئن چيو ويندو تہ ”اوهين زندہ خدا جا ٻار آهيو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 انهي هوندي بہ بني اسرائيل جو شمار سمنڊ جي واريءَ جيترو ٿيندو، جا نہ ماپي ٿي سگهجي، ۽ نہ ڳڻي ٿي سگهجي؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن هنڌ هنن کي چيو ويو آهي تہ اوهين منهنجي اُمت نہ آهيو، انهي هنڌ هنن کي چيو ويندو تہ اوهين جيئري خدا جا پٽ آهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




هوسيع 1:10
26 Iomraidhean Croise  

آءٌ تو کي ايترو تہ اولاد ڏيندس جو واريءَ جي ذرڙن وانگر ڪوبہ انهن کي ڳڻي نہ سگھندو.


سو آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ تو کي ايترو تہ گھڻو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن، يا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا آهن. تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن تي فتح حاصل ڪندو.


پر تو تہ چيو آهي تہ ’آءٌ تو کي خوشحال بڻائيندس ۽ تنهنجو اولاد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو وڌائيندس جنهن کي ڳڻي نہ ٿو سگھجي.‘“


تو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي هميشہ جي واسطي پنهنجي قوم بڻايو ۽ تون، اي خداوند! انهن جو خدا بڻيو آهين.


آءٌ اتر توڙي ڏکڻ کي پڻ حڪم ڪندس، تہ اهي واپس ايندڙ ماڻهن کي نہ روڪين، جيڪي مون لاءِ پٽن ۽ ڌيئرن جي مثل آهن، تان‌تہ اهي ڏورانهن ملڪن ۽ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان موٽي پنهنجي وطن ۾ اچن.


تڏهن اوهان جو اولاد واريءَ وانگر لاتعداد هجي ها، هائو، سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن وانگر. آءٌ يقين سان چوان ٿو تہ اهي مون آڏو ڪڏهن بہ تباهہ وَ برباد نہ ٿين ها.“


تون اسان جو پيءُ آهين. توڙي جو ابراهيم ۽ يعقوب جيڪي اسان جا وڏا آهن، سي بہ اسان کي وساري سگھن ٿا، پر تون، اي خداوند! تون تہ اسان جو پيءُ آهين، اهو ئي جيڪو اسان کي هميشہ بچائيندو ٿو رهين.


پر اي خداوند! تون تہ اسان جو پيءُ آهين. اسين رڳو مٽي آهيون ۽ تون اسان جو ڪنڀر آهين، جنهن اسان سڀني کي پنهنجي هٿن سان جوڙيو آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم جي ماڻهن جون دعائون قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئس، پر هنن دعا ئي نہ گھري. آءٌ تيار هئس تہ هو منهنجي مرضي معلوم ڪن، پر هنن تہ اهڙي ڪوشش ئي نہ ڪئي. اها ئي قوم هئي، جنهن منهنجي عبادت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ مون کين چيو هو تہ ’اِجھو، آءٌ اوهان جي ويجھو آهيان، آءٌ اوهان جي مدد ڪندس.‘


اهي بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڀني قومن منجھان موٽائي مون خداوند لاءِ هڪ سوکڙيءَ طور آڻيندا. اهي کين منهنجي پاڪ جبل تي يروشلم ۾ گھوڙن تي، گاڏين ۾، ڏولين ۾، خچرن تي ۽ تکن وهٽن تي چاڙهي اهڙيءَ طرح آڻيندا، جهڙيءَ طرح بني اسرائيل پاڪ ٿانون ۾ پنهنجيون اناج جون قربانيون کڻي منهنجي هيڪل ۾ آڻيندا آهن.


سو جيئن آسمان جا ستارا شمار ڪري نہ ٿا سگھجن، ۽ نہ ئي سمنڊ جي ڪناري جي واري ماپي ٿي سگھجي، تيئن آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي ۽ پنهنجي خدمتگار لاوين کي وڌائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي سلطنت جي هر حصي ۾ ماڻهو دانيال جي خدا جي حضور ڊڄن ۽ سندس تعظيم ڪن. هو ئي زندہ ۽ ابد تائين قائم وَ دائم رهندڙ خدا آهي. هن جي بادشاهت اهڙي آهي، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، هائو، سندس بادشاهي پيڙهي بہ پيڙهي هلندي رهندي.


تڏهن خداوند وري هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ جو نالو لوعمي رک، ڇاڪاڻ تہ هاڻي اسرائيل وارا منهنجي قوم نہ آهن، نڪي آءٌ هنن جو خدا آهيان.“


تون جيڪا منهنجي قوم آهين، تنهن کي آءٌ تنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪري خوشحالي عطا ڪندس. آءٌ تو تي رحم ڪندس، جنهن کي ’رحم جوڳي نہ آهي‘ سڏيو وڃي ٿو، آءٌ تو کي پنهنجي قوم پڻ سڏيندس، جنهن کي ’منهنجي قوم نہ آهي‘ سڏيو وڃي ٿو. تڏهن تون مون کي وراڻي ڏيندينءَ تہ ’تون ئي منهنجو خدا آهين.‘“


پر جن بہ کيس قبول ڪيو يعني مٿس ايمان آندو، تن کي اهو حق ڏنائين تہ هو خدا جا ٻار ٿين.


سڄي مخلوقات ڏاڍي سڪ منجھان پيئي واجھائي تہ ڪڏهن خدا جا ٻار انهيءَ جلوي ۾ ظاهر ڪيا ويندا.


آءٌ اوهان جو پيءُ ٿيندس ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. آءٌ خداوند قادرِمطلق ائين ٿو چوان.“


اهڙيءَ طرح هڪڙي اهڙي پوڙهي شخص مان جيڪو ڄڻ مرڻ ڪنڌيءَ تي هو، ”آسمان جي تارن جيترو ۽ سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن جيترو بي‌شمار اولاد“ پيدا ٿيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan