Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




عبرانين 7:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هو بنا پيءُ، بنا ماءُ ۽ بنا شجري جي آهي. نہ سندس عمر جي شروعات آهي، نڪي زندگيءَ جي پڄاڻي، بلڪ هو خدا جي فرزند جهڙو ڪيو ويو تہ جيئن هميشہ لاءِ ڪاهن رهندو اچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 جنهن جو نڪو پيءُ، نڪا ماءُ، نڪو نسب نامو آهي، جنهن جي عمر جي نہ شروعات آهي نہ حياتيءَ جي پڄاڻي، پر خدا جي فرزند جي مشابهہ ڪيو ويو آهي تہ هميشہ لاءِ ڪهانت ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 هو بنا پتا، بنا ماتا ۽ بنا ابن ڏاڏن جي آهي. نہ سندس عمر جي شروعات آهي، نڪي جيون جي پڄاڻي، بلڪ هو ايشور جي پٽ جهڙو ڪيو ويو تہ جيئن هميشہ لاءِ ڪاهن رهندو اچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 ھو بنا پيءُ، بنا ماءُ ۽ بنا شجري جي آھي. نہ سندس عمر جي شروعات آھي، نڪي زندگيءَ جي پڄاڻي، بلڪ ھو خدا جي فرزند جھڙو ڪيو ويو تہ جيئن ھميشہ لاءِ ڪاھن رھندو اچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




عبرانين 7:3
11 Iomraidhean Croise  

قهات کي چار پٽ هئا: عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزي‌ايل. قهات جي عمر هڪ سؤ ٽيٽيهہ سال هئي.


انهن ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ تي سڄيءَ قوم کي گڏ ڪيو ۽ سڀني ماڻهن جي سندن نسل ۽ ڪٽنب موجب داخلا ڪئي ويئي. جن جي عمر ويهہ سال يا ويهن سالن کان مٿي هئي تن جي نالن جي لسٽ تيار ڪئي ويئي.


سو ابليس هن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ مانيون ٿي پون.“


تنهنڪري اچو تہ انهيءَ ايمان تي مضبوطيءَ سان قائم رهون، جنهن جو اسين اقرار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جو عظيم سردار ڪاهن اهو آهي جيڪو عرش عظيم تي خدا وٽ وڃي ويٺو آهي، يعني خدا جو فرزند عيسيٰ.


هي اهو ملڪِ‌صدق آهي، جيڪو سالم شهر جو بادشاهہ ۽ خدا تعاليٰ جو ڪاهن هو. جڏهن ابراهيم چئن بادشاهن کي قتل ڪري موٽيو پئي آيو تہ ملڪِ‌صدق ساڻس گڏيو ۽ کيس دعائون ڏنائين.


انهيءَ بابت پاڪ ڪلام ۾ شاهدي ڏني ويئي آهي تہ ”تون ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن آهين.“


ابراهيم هن کي مالِ‌غنيمت جي سڀني شين جو ڏهون حصو ڏنو. ملڪِ‌صدق پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب ”سچائيءَ جو بادشاهہ“ آهي. پر جيئن تہ هو سالم شهر جو بادشاهہ بہ آهي ۽ سالم لفظ جي معنيٰ آهي سلامتي، سو هو ”سلامتيءَ جو بادشاهہ“ بہ آهي.


پر توڙي جو ملڪِ‌صدق جو لاويءَ جي نسل سان ڪو لاڳاپو نہ هو، تنهن هوندي بہ ابراهيم کان ڏهون حصو ورتائين ۽ جنهن سان واعدا ڪيا ويا هئا، تنهن کي دعائون ڏنائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan