Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




عبرانين 1:5 - Muslim Sindhi Bible

5 ڇا خدا ملائڪن مان ڪڏهن ڪنهن کي هيئن فرمايو جيئن عيسيٰ کي فرمايائين تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پيءُ آهيان“؟ يا ڪنهن ملائڪ بابت هي فرمايو اٿائين تہ ”آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو“؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو هن ملائڪن مان ڪڏهن ڪنهن کي چيو تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين؟“ ۽ وري ”آئون هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 ڇا ايشور دوتن مان ڪڏهن ڪنهن کي هيئن فرمايو جيئن يسوع کي فرمايائين تہ ”تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پتا آهيان“؟ يا ڪنهن دوت بابت هي فرمايو اٿائين تہ ”آءٌ هن جو پتا ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو“؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 ڇا خدا ڪڏھن ملائڪن مان ڪنھن کي ھيئن چيو تہ ”تون منھنجو فرزند آھين، اڄ کان پوءِ آءٌ تنھنجو پيءُ آھيان؟“ نڪي ھي ملائڪن بابت چيو اٿائين تہ ”آءٌ ھن جو پيءُ ٿيندس ۽ ھو منھنجو فرزند ٿيندو؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




عبرانين 1:5
8 Iomraidhean Croise  

آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو. جيڪڏهن هو ڪو ڏوهہ ڪندو تہ آءٌ کيس ائين سزا ڏيندس جيئن ڪو پيءُ پنهنجي پٽ کي سزا ڏئي ٿو.


آءٌ سندس پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو. آءٌ پنهنجي دائمي ٻاجھہ جو هٿ هن تان هرگز نہ هٽائيندس، جيئن تو کان اڳ ۾ سائول تان هٽايو هئم.


هو ئي منهنجي نالي تي هيڪل ٺاهيندو. هو منهنجو پٽ ٿيندو ۽ آءٌ سندس پيءُ ٿيندس. آءٌ سندس بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ بني اسرائيل تي قائم ڪندس.‘“


هن مون کي فرمايو تہ ’تنهنجو پٽ سليمان منهنجو گھر تعمير ڪرائيندو. مون هن کي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو پٽ ٿئي ۽ آءٌ سندس پيءُ ٿيان.


تڏهن بادشاهہ چيو تہ ”خداوند جيڪو واعدو مون سان ڪيو آهي، سو آءٌ پڌرو ٿو ڪريان تہ ’اي بادشاهہ! تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ کان آءٌ تو کي پنهنجو پٽ ٿو بڻايان.


خدا انهن جي اولاد يعني اسان جي لاءِ عيسيٰ کي جيئرو ڪري اهو واعدو پورو ڪيو، جيئن زبور ٻئي ۾ لکيل آهي تہ ’تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پيءُ آهيان.‘


ساڳيءَ طرح مسيح بہ پاڻ کي سردار ڪاهن ٿيڻ جي عزت پاڻ نہ ڏني، بلڪ خدا ئي کيس ڏني، جيئن پاڪ ڪلام ۾ کيس فرمايائين تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پيءُ آهيان.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan