Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




عبرانين 1:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اهڙيءَ طرح هو ملائڪن کان اوتري قدر عظيم ٿيو، جيتري قدر کيس انهن جي ملائڪ نالي کان عظيم نالو ورثي ۾ مليو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ هن کي ملائڪن کان جيتري قدر وڏو نالو ورثي ۾ مليو آهي، اوتري قدر هو کانئن اعليٰ ٿيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 اهڙيءَ طرح هو دوتن کان اوتري قدر مهان ٿيو، جيتري قدر کيس انهن جي دوت نالي کان مهان نالو ورثي ۾ مليو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 اھڙيءَ طرح ھو ملائڪن کان اوتري قدر اعليٰ ٿيو، جيتري قدر کيس اعليٰ نالو ورثي ۾ مليو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




عبرانين 1:4
11 Iomraidhean Croise  

هائو، هن مسيح کي هر طرح جي حڪومت، اختياريءَ، طاقت ۽ بادشاهيءَ کان گھڻو مٿاهون ڪيو آهي. اهڙو رتبو نہ هن آخري زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾ ڪنهن کي حاصل ٿيندو.


اهو ئي ڪليسيا جو مٿو آهي جيڪا سندس بدن آهي. اهو ئي منڍ آهي ۽ اهو ئي مئلن منجھان جيئرو ٿي اٿڻ ۾ پهريتو آهي، انهيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ اول درجو هن جو ئي ٿئي.


۽ مسيح ۾ اوهان کي ڀرپور زندگي ملي آهي. هو ئي هر حڪمران ۽ اختيار واري جو مالڪ آهي.


۽ اوهان تڪليفن سهڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. هي انهيءَ وقت ٿيندو جڏهن اسان جو خداوند عيسيٰ پنهنجي ملائڪن جي لشڪر سان گڏ ڀڙڪندڙ باهہ ۾ آسمان مان ظاهر ٿيندو


تو سچائيءَ سان محبت، ۽ شريعت جي ڀڃڪڙيءَ کان نفرت رکي. تنهنڪري مون يعني تنهنجي خدا تو کي بيحد خوشيءَ واري نعمت سان مخصوص ڪري تنهنجي سنگتين کان تو کي مٿاهون ڪيو.“


اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهيءَ کان پوءِ جڏهن هن برڪت جو وارث ٿيڻ ٿي گھريو تہ کيس رد ڪيو ويو. هن کي توبهہ ڪرڻ جو موقعو بہ نہ مليو، جيتوڻيڪ هن ڳوڙها ڳاڙيندي انهيءَ برڪت کي حاصل ڪرڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي.


پر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنهن کي ”ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ“ ڪيو ويو هو، تہ جيئن هو خدا جي فضل سان هر انسان لاءِ موت جو ذائقو چکي. سو جيئن تہ هن موت جي تڪليف سٺي، تنهنڪري کيس ”عزت ۽ عظمت وارو تاج“ پارايو ويو آهي.


هو آسمان تي وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ ملائڪ، اختياريون ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan