عبرانين 1:3 - Muslim Sindhi Bible3 اهو فرزند خدا جي جلوي جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي قدرت واري فرمان سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي گناهن کان ڌوئي پاڪ صاف ڪرڻ بعد مٿي آسمان تي عظيم خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. Faic an caibideilSindhi Bible3 هو سندس جلال جو جلوو ۽ خود سندس ذات جو نقش ٿي، سڀني شين کي پنهنجي قدرت جي ڪلام سان سنڀالي ٿو، ۽ گناهن کي ڌوئي صاف ڪري، قادر مطلق جي ساڄي پاسي بالا عالم ۾ وڃي ويٺو؛ Faic an caibideilHindu Sindhi Bible3 اهو پٽ ايشور جي جوت جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي شڪتيءَ واري وچن سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي پاپن کان ڌوئي پوِتر ڪرڻ بعد مٿي آڪاش تي مهان ايشور جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. Faic an caibideilCommon Language New Testament3 اھو فرزند خدا جي جلال جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنھنجي قدرت واري ڪلام سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. ھو گنھگارن کي پاڪ ڪرڻ کان پوءِ عرش تي قادرِمطلق جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. Faic an caibideil |