Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




عبرانين 1:10 - Muslim Sindhi Bible

10 هو فرزند کي هيئن بہ فرمائي ٿو تہ ”اي خداوند! تو شروع ۾ زمين کي بڻايو، ۽ آسمان پڻ تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ ”اي خداوند، تو شروع ۾ زمين جو بنياد وڌو؛ ۽ آسمان تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

10 هو پٽ کي هيئن بہ فرمائي ٿو تہ ”اي پرڀو! تو شروع ۾ ڌرتيءَ کي بڻايو، ۽ آڪاش پڻ تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

10 ھن ھيئن بہ چيو تہ ”اي خداوند! شروع ۾ تو زمين کي بڻايو ۽ پنھنجي ھٿن سان آسمان کي پيدا ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




عبرانين 1:10
17 Iomraidhean Croise  

شروعات ۾ خدا زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪيو.


آسمان خدا جو جلوو ظاهر ڪن ٿا. بيشڪ اهي سندس هٿن جي ڪاريگريءَ کي پڌرو ڪن ٿا.


جڏهن هن سمنڊ جون حدون ٿي مقرر ڪيون، تان‌تہ پاڻي ڪنارن کان ٻاهر نہ وڃي، تڏهن آءٌ اتي ئي هئس. هائو، جڏهن هن ڌرتيءَ جي بنياد رکڻ لاءِ نشان ٿي ڪڍيو،


ڇا ڪو سمنڊ کي پنهنجي ٻڪ سان ماپي ٿو سگھي؟ يا آسمان کي پنهنجي گرانٺ سان ڪڇي ٿو سگھي؟ ڇا ڪو زمين جي مٽيءَ کي ڪنهن ٿانوَ ۾ ماپي ٿو سگھي؟ يا ڪو جبلن ۽ ٽڪرن کي تارازيءَ ۾ توري ٿو سگھي؟


خداوند خدا آسمانن کي پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن کي مٿان پکيڙي ڇڏيو اٿائين. هن ڌرتيءَ کي ۽ انهيءَ مان جيڪي ڦٽي نڪري ٿو، تنهن کي پکيڙي ڇڏيو آهي. هن ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان کي ساهہ عطا ڪيو آهي، هائو، هر ڪنهن کي حياتي بخشي اٿائين. هاڻ اهو خداوند خدا پنهنجي انهيءَ ٻانهي کي فرمائي ٿو تہ


مون ئي ڌرتيءَ جا بنياد وڌا آهن، ۽ آسمانن کي ڦهلايو آهي. جڏهن بہ آءٌ انهن کي حڪم ٿو ڪريان، تہ اهي هڪدم منهنجي حڪم جي تعميل ڪن ٿا.


اوهان مون خداوند پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن آسمان کي ڦهلايو ۽ زمين جو بنياد وڌو هو. اوهين سڄو ڏينهن انهن ظالمن جي غضب کان ڊڄندا ٿا رهو، جيڪي اوهان کي برباد ڪرڻ جون تياريون ٿا ڪن. پر هاڻي اڳتي انهن جو غضب اوهان جي ويجھو بہ ڪين ايندو،


اوهين پنهنجيون اکيون مٿي آسمان ڏانهن کڻو، ۽ هيٺ زمين ڏانهن پڻ نهاريو. ڏسو، آسمان دونهين وانگر گم ٿي ويندو، ۽ ڌرتي ڳري ويل ڪپڙي وانگر ختم ٿي ويندي، ۽ انهيءَ جا رهاڪو مڇرن وانگر مري کپي ويندا. پر منهنجو بچائڻ ابد تائين رهندو. ھائو، منهنجي بچائڻ واري قدرت ڪڏهن ختم نہ ٿيندي.


پر اي خداوند! تون تہ اسان جو پيءُ آهين. اسين رڳو مٽي آهيون ۽ تون اسان جو ڪنڀر آهين، جنهن اسان سڀني کي پنهنجي هٿن سان جوڙيو آهي.


”آہ! اي خداوند منهنجا خدا! تو پنهنجي وڏي قدرت ۽ زورآور هٿ سان زمين ۽ آسمان ٻيئي بڻايا آهن! تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي.


بني اسرائيل بابت خداوند جو هي پيغام آهي. اهو خداوند، جنهن آسمان کي پکيڙيو آهي، زمين جو بنياد وڌو اٿس ۽ انسان جي اندر روح ڦوڪيو اٿس، سو فرمائي ٿو تہ


ساڳيءَ طرح متان جڏهن اوهين آسمان ڏانهن نهاريو ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان واريون سڀيئي شيون ڏسي گمراهہ ٿيندي انهن کي سجدو ڪريو ۽ انهن جي پوڄا ڪريو، جن کي خداوند اوهان جي خدا، دنيا جي سڀني قومن جي خدمت لاءِ بڻايو آهي.


سو اهي لفظ تہ ”هڪڙو دفعو وري بہ“ اهو ظاهر ٿا ڪن تہ جيڪي شيون لوڏيون وڃن ٿيون، سي خلقيل هئڻ ڪري مِٽجي وينديون، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي شيون نہ ٿيون لڏن سي قائم رهن.


هن مون کي لوديڪيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو آمين، يعني وفادار ۽ سچو شاهد آهي ۽ جنهن جي وسيلي خدا سڀ ڪجھہ بڻايو، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan