Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




پيدائش 4:2 - Muslim Sindhi Bible

2 پوءِ کيس هڪ ٻيو پٽ هابيل ڄائو. هابيل ريڍار ۽ قابيل هاري بڻيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 پوءِ قائن جو ڀاءُ هابل ڄائو؛ هابل ريڍار هو ۽ قائن هاري هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




پيدائش 4:2
19 Iomraidhean Croise  

تنهنڪري خداوند خدا کيس عدن جي باغ مان تڙي ڪڍيو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن زمين مان هو ٺهيو آهي تنهن تي پوک ڪري.


تہ يعقوب يوسف کي چيو تہ ”تنهنجا ڀائر سڪم ۾ ڌڻ چاري رهيا هوندا. آءٌ تو کي اوڏانهن موڪلڻ ٿو چاهيان.“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ حاضر آهيان.“


پوءِ آدم پنهنجيءَ زال حوا وٽ ويو ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي. حوا کي پٽ ڄائو جنهن ڪري چوڻ لڳي تہ ”خداوند طرفان مون کي هڪ پٽ مليو آهي.“ سو حوا انهيءَ جو نالو قابيل رکيو.


ڪجھہ عرصي کان پوءِ قابيل پنهنجي ٻنيءَ جي پيدائش مان ڪجھہ آڻي خداوند جي لاءِ نذرانو ڏنو.


فرعون يوسف جي ڀائرن کان پڇيو تہ ”اوهان جو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟“ هنن فرعون کي جواب ڏنو تہ ”اسين تنهنجا ٻانها پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ڌنار آهيون.“


نوح پوک ڪندڙ اهو پهريون شخص هو جنهن انگورن جو هڪڙو باغ لڳايو.


ٻار خداوند جو عطيو آهن، هائو، اهي والدين لاءِ خداوند جي طرفان هڪ نعمت آهن.


موسيٰ پنهنجي سهري يٿرو جا ڌڻ چاريندو هو، جيڪو مديان جو مذهبي اڳواڻ هو. هڪ ڏينهن هو ڌڻ کي هڪليندو بيابان جي پرئين پاسي خدا جي جبل سينا وٽ اچي پهتو.


پر خداوند مون کي ڌڻ چارڻ کان ڇڏائي فرمايو تہ ’اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم ۾ وڃي منهنجو پيغام ٻڌاءِ.‘


سو دنيا جي شروعات کان وٺي جن نبين جو رت وهايو ويو آهي، تن جو حساب هن زماني جي پيڙهيءَ کان ورتو ويندو.


مطلب تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هابيل جي خون کان وٺي زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي هيڪل جي اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو ويو هو، تن سڀني جي خون جو حساب هن زماني جي پيڙهيءَ کان ورتو ويندو.


اوهين پنهنجي پيءُ ابليس جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.


سو ڪير خدا جو ٻار آهي ۽ ڪير ابليس جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آهي.


اوهين قابيل وانگر نہ ٿجو، جيڪو ابليس جي ٽولي مان هو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. قابيل پنهنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ انهيءَ ڪري جو قابيل جا ڪم بڇڙا هئا، جڏهن تہ سندس ڀاءُ جا ڪم سچائيءَ وارا هئا.


جيڪو بہ پنهنجي ڪنهن هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان دشمني ٿو رکي سو خوني آهي ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ خوني دائمي زندگيءَ جي حالت ۾ نہ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan