Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




پيدائش 3:3 - Muslim Sindhi Bible

3 سواءِ انهيءَ وڻ جي جيڪو باغ جي وچ ۾ آهي. خدا اسان کي چيو آهي تہ ’ان وڻ جو ميوو نہ کائجو ۽ نہ ان کي هٿ ئي لائجو، متان مري وڃو.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 پر جيڪو وڻ باغ جي وچ ۾ آهي، تنهن بابت خدا چيو آهي تہ انهيءَ جو ميوو اوهين نہ کائجو، ۽ نہ انهيءَ کي هٿ لائجو، متان اوهين مري وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




پيدائش 3:3
12 Iomraidhean Croise  

خدا خواب ۾ ئي وراڻيس تہ ”بيشڪ، مون کي خبر آهي تہ تو هي ڪم دل جي سچائيءَ سان ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ مون بہ تو کي پنهنجي خلاف گناهہ ڪرڻ کان روڪي ورتو ۽ انهيءَ کي هٿ لائڻ نہ ڏنو.


عورت وراڻيو تہ ”اسين تہ باغ ۾ هر وڻ جو ميوو کائي سگھون ٿا،


نانگ وراڻيو تہ ”اوهين هرگز ڪونہ مرندا.


هن انهن کي تاڪيد ڪيو هو تہ ”هي منهنجا مسح ڪري مخصوص ڪيل نبي آهن، جن کي اوهين نڪي هٿ لايو، نہ وري ڪو نقصان رسايو.“


پر هاڻي پنهنجو هٿ ڊگھيري وٽس جيڪي ڪجھہ آهي سو سڀ کانئس کسي وٺ، پوءِ ڏس تہ هو ڪيئن نہ تنهنجي منهن تي تنهنجي خلاف ڪفر ٿو ڳالهائي.“


اي منهنجا دوستؤ! گھٽ ۾ گھٽ اوهين تہ مون تي رحم ڪريو، ڇو تہ خدا جو ڳرو هٿ مون تي اچي پيو آهي.


پر هاڻي تون پنهنجو هٿ ڊگھيري سندس جان کي نقصان پهچاءِ، پوءِ ڏس تہ هو ڪيئن نہ تنهنجي منهن تي تنهنجي خلاف ڪفر ٿو ڳالهائي.“


هاڻي جن ڳالهين بابت اوهان لکي پڇيو آهي، تن مان هڪڙي ڳالهہ اها هئي تہ ”مرد لاءِ چڱو آهي تہ عورت کي هٿ بہ نہ لائي.“


تنهنڪري ئي خداوند جو فرمان آهي تہ ”اوهين انهن مان نڪري الڳ ٿي رهو، ۽ ڪنهن بہ پليت شيءِ کي هٿ نہ لايو، تڏهن آءٌ اوهان کي قبول ڪندس.


”هن شيءِ کي هٿ ۾ نہ کڻو،“ ”هن کي نہ چکو،“ ”هن کي نہ ڇُهو“؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan