Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




پيدائش 16:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن سارائيءَ پنهنجي مڙس کي پنهنجي ٻانهي هاجرہ زال ڪري ڏني. ان وقت تائين ابرام کي ڪنعان ملڪ ۾ رهندي ڏهہ سال ٿي ويا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 جڏهن ابرام کي ڪنعان جي ملڪ ۾ رهندي ڏهہ ورهيہ ٿيا هئا، تڏهن سندس زال ساريءَ پنهنجي مصري ٻانهي کيس ڏني تہ هن جي زال ٿي رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




پيدائش 16:3
15 Iomraidhean Croise  

تنهن وقت ابرام جي عمر ڇهاسي سال هئي.


ابرام هاجرہ وٽ ويو تہ هوءَ پيٽ سان ٿي. جڏهن کيس خبر پيئي تہ ”مون کي پيٽ ٿيو آهي،“ تڏهن هوءَ فخر ڪرڻ لڳي ۽ پنهنجي مالڪياڻي سارائيءَ کي حقير سمجھڻ لڳي.


تڏهن سارائيءَ ابرام کي چيو تہ ”اهو سڀ تنهنجو قصور آهي جو هاجرہ مون کي حقارت سان ٿي ڏسي. مون پاڻ اها تو کي ڏني هئي، پر جڏهن کان هوءَ پيٽ سان ٿي آهي تڏهن کان مون کي حقارت سان ٿي ڏسي. شل خداوند انصاف ڪري تہ تو ۽ مون مان ڪير حق تي آهي.“


سندس ماءُ هن جي لاءِ مصر جي ملڪ مان زال ورتي.


پر ٻين زالن جي پٽن کي بہ ابراهيم بخششون ڏنيون. پوءِ پنهنجي جيئري ئي انهن کي پنهنجي پٽ اسحاق کان ڌار ڪري اوڀر طرف واري ملڪ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائين.


سو عيسو ابراهيم جي پٽ اسماعيل وٽ ويو ۽ سندس ڌيءَ محلت، جيڪا نبايوت جي ڀيڻ هئي، تنهن سان شادي ڪري کيس پنهنجين زالن ۾ شامل ڪيائين.


سو هن پنهنجي ٻانهي بلهاہ کيس زال ڪري ڏني ۽ يعقوب ساڻس ستو.


جڏهن لياہ سمجھيو تہ ”مون ٻارن ڄڻڻ کان بس ڪئي آهي،“ تڏهن هن پنهنجي ٻانهي زِلفاہ يعقوب کي زال ڪري ڏني.


ساڳيءَ رات يعقوب اٿيو ۽ پنهنجيون ٻئي زالون، ٻئي سريتون ۽ يارهن پٽ ساڻ ڪري برساتي نهر يبوق جي پتڻ کان اچي پار ٽپيو.


جڏهن يعقوب انهيءَ علائقي ۾ رهيو پيو هو تڏهن هڪ ڏينهن روبن پنهنجي پيءُ يعقوب جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو ۽ يعقوب کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.


حبرون مان اچڻ کان پوءِ دائود يروشلم ۾ پنهنجي لاءِ ڪيتريون ئي سريتون رکيون ۽ زالون پرڻيو، جن مان کيس وڌيڪ پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون.


هن کي ست سؤ زالون هيون جيڪي شهزاديون هيون ۽ ٽي سؤ سريتيون هئس. هن جي زالن سندس دل کي ڦيرائي ڇڏيو.


جيئن تہ هاجرہ سينا جبل جي مثل آهي، سو ان جي ڀيٽ هاڻوڪي يروشلم شهر سان ڪري سگھجي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اها وسندي پنهنجي ٻارن يعني رهاڪن سميت شريعت جي غلاميءَ ۾ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan