۽ خداوند جي حضور ۾ دعا گھرندي چيائين تہ ”اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تون جو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن مٿان تخت تي ويٺو آهين، فقط تون ئي ڌرتيءَ جي سڀني بادشاهتن جو خدا آهين. تون ئي زمين ۽ آسمان جو خلقيندڙ آهين.
تڏهن صور جي بادشاهہ حيرام جواب ۾ سليمان ڏانهن لکي موڪليو تہ ”جيئن تہ خداوند کي پنهنجي قوم سان پيار آهي، تنهنڪري ئي هن تو کي انهيءَ مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.
پوءِ جڏهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن کيس عهد واريون ٻہ تختيون ڏنائين. پٿر جي انهن تختين تي خدا پنهنجي آڱر سان پنهنجا حڪم لکيا هئا.
انهيءَ کان اڳ جو اوهان تي ڏکيو وقت اچي پوي ۽ موت جا ڏينهن ويجھا اچي وڃن، اوهين جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ئي پنهنجي خالق کي ياد ڪندا رهو. پوءِ اوهين ائين نہ چوندا تہ ”هاڻي اسان لاءِ ڪابہ خوشي نہ رهي آهي.“
”اي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تون جو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن مٿان تخت تي ويٺو آهين، فقط تون ئي ڌرتيءَ جي سڀني بادشاهتن جو خدا آهين. تون ئي زمين ۽ آسمان جو خلقيندڙ آهين.
اي بني اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان جو خداوند ۽ بچائيندڙ آهيان. مون ئي اوهان کي خلقيو آهي، بلڪ هر شيءِ جو خالق آءٌ خداوند ئي آهيان. آءٌ اڪيلو ئي آسمانن کي پکيڙڻ وارو ۽ ڌرتيءَ کي وڇائڻ وارو آهيان.
انهيءَ وقت عيسيٰ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.