Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




گلتين 4:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هو انهيءَ وقت تائين سنڀاليندڙن ۽ مختيارن جي وس ۾ رهندو آهي، جيڪو وقت سندس پيءُ مقرر ڪندو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 پر جيڪو ميعاد پيءُ مقرر ڪيو آهي، انهيءَ تائين هو سنڀاليندڙن ۽ مختيارن جي وس آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 هو انهيءَ وقت تائين سنڀاليندڙن ۽ مختيارن جي وس ۾ رهندو آهي، جيڪو وقت سندس پتا مقرر ڪندو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 پر جيڪو وقت پيءُ مقرر ڪيو آھي، انھيءَ وقت تائين ھو سنڀاليندڙن ۽ مختيارن جي وس ۾ رھندو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




گلتين 4:2
7 Iomraidhean Croise  

پوءِ مقرر ٿيل وقت تي هو وري مصر تي حملو ڪرڻ نڪرندو، پر جيئن اڳي ڪامياب ٿيو هو تيئن هاڻي نہ ٿيندو.


هن رويا جي ظاهر ٿيڻ جو مقرر وقت اڃا نہ آيو آهي، پر اچڻ وارو آهي، ۽ اها رويا ڪڏهن بہ غلط ثابت نہ ٿيندي. جيتوڻيڪ تون دير سمجھندين، تہ بہ تون انهيءَ جو انتظار ڪر، ڇاڪاڻ تہ ائين ضرور ٿيندو ۽ گھڻي دير ڪانہ ٿيندي.


جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجيون ڳالهيون اوهان ۾ رهن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو. اهو اوهان لاءِ ڪيو ويندو.


جيتوڻيڪ مسيح جي راهہ تي هلڻ ۾ اوهان جا ڏهہ هزار نگهبان بہ ڇو نہ هجن، تہ بہ اوهان جا پيئر گھڻا ڪين آهن. آءٌ ئي اوهان جو پيءُ بڻيس، ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ جي تبليغ وسيلي اوهين عيسيٰ مسيح ۾ منهنجا ئي ٻار ٿيا.


مطلب تہ جيئن ٻار جو ڪو نگهبان ٿيندو آهي، تيئن شريعت مسيح جي اچڻ تائين اسان جي نگهبان ٿي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين ايمان آڻڻ جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻايا وڃون.


ڏسو، عام طور وارث جيتوڻيڪ هر شيءِ جو مالڪ هوندو آهي، تنهن هوندي بہ جيستائين هو ٻار آهي تيستائين انهيءَ ۾ ۽ غلام ۾ ڪوبہ فرق نہ هوندو آهي.


ساڳيءَ طرح اسين بہ ڪنهن وقت ڄڻ تہ ٻار هئاسين جڏهن دنيا جي شروعاتي اصولن جا پابند ٿي غلاميءَ جي حالت ۾ رهياسين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan