Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




گلتين 4:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين مون جهڙا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بہ اوهان جهڙو ٿيو آهيان. ڇا اوهان مون سان ڪا بدسلوڪي ڪئي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 اي ڀائرو، آئون اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، تہ جهڙو آئون آهيان تهڙا ٿيو، ڇالاءِ جو آئون بہ اهڙو آهيان جهڙا اوهين آهيو. اوهان مون کي ڪو اهنج ايذاءُ ڪونہ رسايو آهي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

12 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين مون جهڙا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بہ اوهان جهڙو ٿيو آهيان. ڇا اوهان مون سان ڪا بدسلوڪي ڪئي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

12 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين مون جھڙا ٿيو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ بہ اوھان جھڙو ٿيو آھيان. اوھان مون کي ڪوبہ نقصان نہ رسايو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




گلتين 4:12
13 Iomraidhean Croise  

پر رڳو هن شرط تي اسين اوهان جي ڳالهہ مڃينداسين تہ اوهين بہ اسان جهڙا ٿيو، يعني اوهان مان هر ڪو مرد پنهنجو طهر ڪرائي.


تڏهن هن يهوسفط کان پڇيو تہ ”ڇا توهان مون سان گڏجي رامات شهر تي ڪاهہ ڪرڻ لاءِ هلندا؟“ اسرائيل جي بادشاهہ کي يهوسفط ورندي ڏني تہ ”جڏهن اوهين چئو تہ آءٌ، منهنجو لشڪر ۽ منهنجا گھوڙي سوار اوهان سان هلڻ لاءِ تيار آهيون.


پر اوهان جي باري ۾ کين ٻڌايو ويو آهي تہ غير قومن جي علائقن ۾ جيڪي يهودي آهن، تن سڀني کي اوهين اها تعليم ٿا ڏيو تہ موسيٰ جي شريعت کان ڦري وڃن، ٻارن جو طهر نہ ڪرائين ۽ پنهنجين ريتن رسمن تي نہ هلن.


جيڪڏهن ڪنهن مون کي رنجايو آهي تہ انهيءَ رڳو مون کي نہ، پر ٿورو گھڻو اوهان سڀني کي بہ رنجايو آهي. پر آءٌ انهيءَ ڳالهہ تي گھڻو زور ڏيڻ نہ ٿو چاهيان،


اي ڪرنٿس جا رهواسيؤ! اسان کُليءَ طرح اوهان سان ڳالهايو آهي ۽ اسان جون دليون اوهان لاءِ کُليل آهن.


هاڻي آءٌ اوهان کي پنهنجا ٻار سمجھي چوان ٿو تہ اوهين بہ ساڳيءَ طرح اسان لاءِ پنهنجيون دليون کُليل رکو.


جڏهن مون ڏٺو تہ اهي خوشخبريءَ جي سچائيءَ موجب سنئين راهہ تي نہ ٿا هلن، تڏهن مون انهن سڀني جي اڳيان پطرس کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهودي آهين تڏهن بہ غير يهودين وانگر ٿو گذارين، نڪي يهودين وانگر. تہ پوءِ تون ڪيئن غير يهودين کي زور ٿو ڀرين تہ هو يهودين وانگر گذارين؟“


سو مون کي اوهان بابت ڊپ آهي تہ متان ائين نہ ٿئي جو جيڪا محنت مون اوهان تي ڪئي آهي سا اجائي وڃي.


جڏهن مون اوهان کي پهريون دفعو خوشخبري ٻڌائي هئي؟ نہ، جيتوڻيڪ اوهين ڄاڻو پيا تہ آءٌ جسم جي هيڻائيءَ ۽ بيماريءَ جي سبب اوهان وٽ آيو هئس.


پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنهن ٻيءَ ڳالهہ تي فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. هن جي صليب واري موت سان دنيا منهنجي لاءِ مري چڪي آهي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوهان تي هجي. آمين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan