Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




گلتين 3:12 - Muslim Sindhi Bible

12 شريعت جو ايمان سان ڪو واسطو ڪونهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو شريعت جي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو، سو شريعت جي ڳالهين لاءِ پيو زندگي گذاريندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ شريعت جو ايمان سان ڪوبہ واسطو ڪونهي؛ پر (لکيل آهي تہ) ”جيڪو انهي تي عمل ڪندو، سو انهي جي ڪري جيئرو رهندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

12 نيم جو وشواس سان ڪو واسطو ڪونهي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو نيم جي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو، سو نيم جي ڳالهين لاءِ پيو جيون گذاريندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

12 شريعت جو ايمان سان ڪو واسطو ڪونھي، بلڪ لکيل آھي تہ ”جيڪو شريعت جي ڳالھين تي عمل ڪري ٿو، سو انھن جي ڪري ئي جيئرو رھندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




گلتين 3:12
13 Iomraidhean Croise  

جيتوڻيڪ تو کين خبردار بہ ڪيو تہ ’منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪجو،‘ تڏهن بہ هنن هٺ کان ڪم ورتو ۽ تنهنجا حڪم نہ مڃيائون. بلڪ تنهنجي انهن قاعدن قانونن جي ابتڙ ڪم ڪيائون، جن تي جيڪڏهن انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي سگھي ٿو. هنن هوڏ ڪندي تو کي پٺي ڏني، ۽ وڏائيءَ ۾ ڀرجي تو ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنائون.


مون انهن کي پنهنجا قاعدا قانون ٻڌايا ۽ پنهنجي حڪمن کان آگاهہ ڪيم. جيڪڏهن ڪو انهن تي عمل ڪري ٿو تہ اهو ئي جيئرو رهي سگھي ٿو.


پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بي‌حرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تان‌تہ اهي چٽ ٿي وڃن.


اوهين ضرور منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو ائين ڪندو تنهن جي حياتي بچي ويندي. آءٌ خداوند آهيان.


عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو خدا ئي آهي. جيڪڏهن تون دائمي زندگي حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“


جيئن تہ اها چونڊ خدا جي فضل موجب آهي، تنهنڪري ان ۾ ماڻهن جي عملن جو ڪو دخل نہ آهي، نہ تہ خدا جو فضل فضل نہ ليکجي ها.


جيڪڏهن دنيا جي وارث بڻائڻ جو واعدو خدا انهن سان ڪيو هجي ها جيڪي شريعت تي عمل ڪن ٿا، تہ پوءِ خدا تي ايمان آڻڻ اجايو ۽ سندس واعدو بيڪار ٿي پوي ها.


تنهنڪري اهو واعدو ايمان رکڻ جي بنياد تي آهي تہ جيئن اهو خدا جي فضل جي بخشش هجي، جيڪو ابراهيم جي سڄي اولاد لاءِ قائم رهي. هي نہ رڳو انهن لاءِ آهي جن وٽ شريعت آهي، پر انهن لاءِ بہ آهي جيڪي ابراهيم وانگر ايمان آڻين ٿا. اهڙيءَ طرح ابراهيم اسان سڀني جو پيءُ آهي،


۽ آءٌ مري ويس. اهڙيءَ طرح معلوم ٿيو تہ شريعت وارو اهو حڪم جنهن جو مقصد مون کي زندگي بخشڻ هو، سو ئي منهنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan