گلتين 3:11 - Muslim Sindhi Bible11 هاڻي اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت جي وسيلي خدا آڏو سچار نہ ٿو بڻجي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻايو ويو آهي، سو ئي جيئرو آهي.“ Faic an caibideilSindhi Bible11 هاڻي اِها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ شريعت جي ڪري ڪوبہ ماڻهو خدا جي نظر ۾ راستباز نٿو ٺهري؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”راستباز ايمان جي ڪري ئي جيئرو رهندو؛“ Faic an caibideilHindu Sindhi Bible11 هاڻي اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ ڪوبہ ماڻهو نيم جي وسيلي ايشور آڏو سچار نہ ٿو بڻجي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي وشواس جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻايو ويو آهي، سو ئي جيوت آهي.“ Faic an caibideilCommon Language New Testament11 ھاڻي اھا ڳالھہ صاف ظاھر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت جي ڪري خدا جي نظر ۾ سچار نہ ٿو بڻجي. ڇالاءِجو لکيل آھي تہ ”جيڪو ايمان جي وسيلي سچار ٿو بڻجي، اھو ئي شخص جيئرو رھندو.“ Faic an caibideil |
تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو. تنهنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب خدا ڏانهن سچار بڻايا وڃون، ڇاڪاڻ تہ شريعت تي عمل ڪرڻ سبب ڪوبہ انسان خدا ڏانهن سچار نہ بڻبو.