گلتين 2:2 - Muslim Sindhi Bible2 آءٌ انهيءَ ڪري ويس جو مڪاشفي ۾ مون کي اوڏانهن وڃڻ جو حڪم ٿيو. اتي ڪليسيا جي معتبر سمجھيو ويندڙ ماڻهن جي اڳيان مون نويڪلائيءَ ۾ اها خوشخبري پيش ڪئي، جنهن جي تبليغ آءٌ غير قومن ۾ ڪندو آهيان. اهو مون انهيءَ ڪري ڪيو تہ جيئن سڀني جي اڳيان اهو ظاهر ٿئي تہ اسان رسولن جي خوشخبري هڪجهڙي آهي يا نہ. مون نہ ٿي چاهيو تہ منهنجي اڳوڻي يا هاڻوڪي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي. Faic an caibideilSindhi Bible2 ۽ منهنجو وڃڻ الهام موجب ٿيو؛ ۽ جنهن خوشخبريءَ جي مون غير قومن ۾ منادي ٿي ڪئي، سا مون خانگي طور هنن جي اڳيان، جيڪي معزز سمجهيا ويندا هئا، پيش ڪئي تہ متان ائين نہ ٿئي تہ منهنجي هاڻوڪي يا اڳوڻي ڊوڙ ڊڪ اجائي ٿئي. Faic an caibideilHindu Sindhi Bible2 آءٌ انهيءَ ڪري ويس جو آڪاشواڻيءَ ۾ مون کي اوڏانهن وڃڻ جو حڪم ٿيو. اتي جيڪي ماڻهو وشواسي منڊليءَ جا مانوارا سمجھيا ويندا هئا، تن جي اڳيان مون نويڪلائيءَ ۾ اها خوشخبري پيش ڪئي، جنهن جو پرچار آءٌ غير قومن ۾ ڪندو آهيان. اهو مون انهيءَ ڪري ڪيو تہ جيئن سڀني جي اڳيان اهو ظاهر ٿئي تہ اسان سنتن جي خوشخبري هڪجهڙي آهي يا نہ. مون نہ ٿي چاهيو تہ منهنجي اڳوڻي يا هاڻوڪي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي. Faic an caibideilCommon Language New Testament2 آءٌ انھيءَ ڪري اوڏانھن ويس جو خدا مون تي الھام ڪيو تہ تو کي وڃڻ گھرجي. مون اڪيلائيءَ ۾ انھن جي اڳيان جيڪي معتبر سمجھيا ويندا ھئا، اھا خوشخبري پيش ڪئي جنھن جي آءٌ غير قومن ۾ تبليغ ڪندو آھيان. مون نہ ٿي چاھيو تہ منھنجي ھاڻوڪي يا اڳوڻي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي. Faic an caibideil |