Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




گلتين 1:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پنهنجي فرزند کي مون تي ظاهر ڪيو، تہ جيئن آءٌ غير قومن ۾ مسيح بابت خوشخبري ٻڌايان. ان وقت مون ڪنهن انسان کان صلاح نہ ورتي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 تہ پنهنجي فرزند کي مون ۾ ظاهر ڪري، تہ آئون غير قومن ۾ انهي جي پڌرائي ڪريان، تڏهن مون ڪنهن انسان کان صلاح نہ ورتي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

16 پنهنجي پٽ کي مون تي ظاهر ڪيو، تہ جيئن آءٌ غير قومن ۾ مسيح بابت خوشخبري ٻڌايان. ان وقت مون ڪنهن انسان کان صلاح نہ ورتي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

16 تہ پنھنجي فرزند کي مون تي ظاھر ڪري تہ جيئن آءٌ غير قومن ۾ مسيح جي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريان، تڏھن مون ڪنھن انسان کان صلاح نہ ورتي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




گلتين 1:16
30 Iomraidhean Croise  

عيسيٰ چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آهين، ڇاڪاڻ تہ هيءَ حقيقت ڪنهن انسانذات نہ، پر منهنجي پيءُ، جيڪو آسمان تي آهي تنهن تو تي ظاهر ڪئي آهي.


جاڳندا رهو ۽ دعا گھرندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر بدن ۾ ايتري طاقت ناهي.“


پوءِ خداوند عيسيٰ مون کي چيو تہ ’هتان روانو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي غير قومن ڏانهن پري پري موڪليندس.‘“


اهي روزانو هيڪل ۾ ۽ ماڻهن جي گھرن ۾ تعليم ڏيندا ۽ هن خوشخبريءَ جي منادي ڪندا رهيا تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي.


خداوند عيسيٰ هن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن کي پنهنجي خدمت واسطي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو نالو غير قومن، بادشاهن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاهر ڪري.


هو جلد ئي يهودين جي عبادت‌خانن ۾ وڃي عيسيٰ بابت تبليغ ڪرڻ لڳو تہ هو خدا جو فرزند آهي.


انهيءَ جي ئي معرفت خدا مون تي اهو ڪرم ڪيو جو آءٌ رسول مقرر ٿيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ مسيح جي نالي خاطر سڀني قومن جي ماڻهن کي هي پيغام ڏيان تہ هو ايمان آڻي فرمانبردار ٿين.


اي غير قومن وارؤ! آءٌ خاص طور اوهان سان ڳالهائي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ غير قومن ڏانهن رسول ڪري موڪليو ويو آهيان. مون کي پنهنجي هن ڪم تي فخر بہ آهي،


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي چوڻ جو مطلب آهي تہ مٽيءَ جي جسم وارو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو حقدار نہ ٿو ٿي سگھي. هائو، جيڪو فاني آهي سو بقا وارين شين جو وارث بڻجي نہ ٿو سگھي.


اسين تبليغ انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن خدا فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس عظمت کي ڄاتو وڃي جيڪا عيسيٰ مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.


تنهنڪري هاڻي کان اسين ڪنهن کي بہ دنياوي نظر سان نہ ٿا ڏسون. پهريائين اسان مسيح کي بہ دنياوي نظر سان ٿي ڏٺو، پر هاڻي ائين نہ ٿا ڪريون.


آخرڪار چوڏهن سالن کان پوءِ آءٌ برنباس سان گڏجي وري يروشلم ڏانهن ويس ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويس.


انهيءَ سبب آءٌ پولس، جيڪو اوهان غير قومن جي خاطر ۽ عيسيٰ مسيح جي واسطي قيدي آهيان، اوهان لاءِ دعا ٿو گھران.


ياد رکو تہ اسان جي جنگ انسانذات سان نہ، پر هن دنيا تي ڇانيل اونداهيءَ وارين طاقتن، اختياريءَ وارن ۽ حاڪمن سان ۽ ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ بڇڙن روحن جي لشڪرن سان آهي.


هنن رڳو تنهنجي ئي ڳالهين تي عمل ڪيو، ۽ تنهنجي عهد کي قائم رکيائون. ايتري قدر جو پنهنجي ماءُ پيءُ بابت چيائون تہ ’اسين هنن جو سانگو نہ ٿا ڪريون،‘ هنن پنهنجي ٻارن کي بہ نہ سڃاتو، نڪي پنهنجي ڀائرن ڀينرن کي ئي پنهنجو ڪيائون.


اهو هن مان ظاهر ٿئي ٿو جو اهي اسان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو پيغام ٻڌايون. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجن گناهن جي ٽمٽار مٽڪي کي اڃا بہ ڀريندا ٿا رهن. پر نيٺ خدا جو غضب انهن تي ڪڙڪڻ لاءِ اچي پهتو آهي.


انهيءَ شاهديءَ جو منادي ڪندڙ ۽ رسول مون کي مقرر ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ غير قومن کي تعليم ڏيان تہ جيئن اهي ايمان آڻي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان.


مون کي انهيءَ ئي خوشخبريءَ جو منادي ڪندڙ، رسول ۽ استاد مقرر ڪيو ويو،


سو جيئن اهي ٻار انسان آهن، تيئن عيسيٰ پاڻ بہ انهن سان گڏ انهن وانگر بڻيو، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موت جي وسيلي موت تي اختيار رکندڙ يعني ابليس کي ناس ڪري.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan