Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




عزرا 4:1 - Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن بني يهوداہ ۽ بني بنيامين جي دشمنن ٻڌو تہ جلاوطنيءَ کان موٽي آيلن خداوند، بني اسرائيل جي خدا لاءِ هيڪل تعمير ڪرڻ شروع ڪيو آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 هاڻي جڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جي دشمنن ٻڌو، تہ قيدين خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ هيڪل جوڙي آهي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




عزرا 4:1
14 Iomraidhean Croise  

سون ۽ چانديءَ جا جملي ٿانوَ پنج هزار چار سؤ هئا. اهي سڀ شيس‌بضر انهن جلاوطن ٿيل ماڻهن سان گڏ يروشلم ۾ آندا، جيڪي بابل مان يروشلم ۾ موٽي آيا هئا.


اهڙيءَ طرح جلاوطنيءَ مان موٽي آيلن ائين ئي ڪيو جيئن رٿ ڏني ويئي هئي. عزرا ڪاهن گھراڻن جي ڪن وڏن کي سندن گھراڻن مطابق نالي وار چونڊيو. اُهي ان معاملي جي جاچ ڪرڻ لاءِ ڏهين مهيني جي پهرين تاريخ تي اچي گڏ ٿيا.


پوءِ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ سڀني موٽي آيلن لاءِ اعلان ڪيو ويو تہ هو اچي يروشلم ۾ گڏ ٿين.


وڏي شور هئڻ ڪري ماڻهو خوشيءَ جي آوازن ۽ روئڻ جي آوازن جو فرق نہ سمجھي سگھيا. اهو شور پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.


پوءِ سڀني بني اسرائيل يعني ڪاهنن، لاوين ۽ ٻين جلاوطنيءَ مان موٽي آيلن خوشيون ملهائيندي هيڪل کي وقف ڪرڻ واري رسم ادا ڪئي.


تڏهن دانيال کي بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو. بادشاهہ دانيال کي مخاطب ٿي چيو تہ ”مون ٻڌو آهي تہ تون اهو ئي دانيال آهين، جيڪو يهوداہ ملڪ جي انهن يهودين منجھان هڪ آهين، جن کي منهنجي پيءُ پڪڙي آندو هو؟


تنهنڪري ڄاڻي وٺ ۽ سمجھي ڇڏ تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ واري حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اچڻ تائين ست دفعا ست ست سال ٿيندا. پوءِ ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن تائين شهر اندر گھٽيون ۽ قلعي جي چوڌاري حفاظتي کاهيون ٺاهيون وينديون، جيتوڻيڪ اهي مصيبت جا ڏينهن هوندا.


ڇاڪاڻ تہ مون کي هتي اثرائتي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو مليو آهي، توڙي جو مخالف بہ گھڻا ئي آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan