Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




عزرا 3:3 - Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کان ڊڄڻ جي باوجود، هنن قربان‌گاهہ کي ساڳيءَ ئي جاءِ تي وري تعمير ڪيو ۽ ان تي خداوند لاءِ صبح ۽ شام واريون روزاني جون ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪرڻ لڳا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ اُنهن قربانگاهہ کي انهي جي بنياد تي بيهاريو؛ ڇالاءِ جو کين انهن ملڪن جي ماڻهن جو ڊپ هو: ۽ انهن اُنهيءَ تي خداوند جي لاءِ سوختنيون قربانيون چاڙهيون، يعني صبح ۽ شام جي ساڙڻ واريون قربانيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




عزرا 3:3
11 Iomraidhean Croise  

انهيءَ لاءِ تہ هو خداوند لاءِ هميشہ صبح توڙي شام جو قربان‌گاهہ تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، انهيءَ طريقي موجب جيڪو خداوند جي شريعت ۾ لکيل آهي ۽ جنهن جو هن بني اسرائيل کي حڪم ڏنو هو.


بادشاهہ سليمان پتل جي هڪ قربان‌گاهہ ٺهرائي جنهن جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪ جيتري يعني نوَ ميٽر هئي، جڏهن تہ ان جي اوچائي ساڍا چار ميٽر هئي.


تڏهن ان ملڪ جي رهاڪن يهودين کي بي‌همت ڪرڻ شروع ڪيو ۽ تعمير جي ڪم ۾ رڪاوٽون وجھڻ لاءِ کين ڊيڄارڻ لڳا.


شهنشاهہ کيس چيو هو تہ هو وڃي يروشلم ۾ خدا جو گھر پنهنجي اصلي جاءِ تي وري تعمير ڪري ۽ اهي ٿانوَ انهيءَ ۾ کڻي رکي.


قربان‌گاهہ جي مٿئين حصي جو مٿاڇرو جيڪو آتشدان هو سو چورس هو ۽ ان جي چئني پاسن جي ماپ ڇهہ ڇهہ ميٽر هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan