Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




عزرا 10:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن عيلام جي اولاد مان سڪنياہ ولد يحي‌ايل عزرا کي چيو تہ ”اسان غير قومن جي عورتن سان پرڻجي خدا جو گناهہ ڪيو آهي. انهيءَ هوندي بہ بني اسرائيل وارن کي اڃا تائين اميد آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ عيلام جي پٽن مان هڪڙي، سڪنياہ بن يحئيل، ورندي ڏيئي عزرا کي چيو تہ، اسان پنهنجي خدا جي برخلاف گناهہ ڪيو آهي، ۽ ملڪ جي غير قومن مان ڌاريون زالون پرڻيا آهيون: تڏهن بہ انهيءَ ڳالهہ جي نسبت ۾ اڃا اسرائيل جي لاءِ اُميد آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




عزرا 10:2
17 Iomraidhean Croise  

عيلام جي اولاد مان متنياہ، زڪرياہ، يحي‌ايل، عبدي، يريموت ۽ الياہ،


ٻئي عيلام شهر جا هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ ماڻهو هئا،


بني عيلام جا هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ ماڻهو هئا،


عيلام جي اولاد مان يسعياہ ولد عتلياہ هو، جنهن سان گڏ ستر مرد هئا،


انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ اڳواڻ مون وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بني اسرائيل ڪاهنن ۽ لاوين سميت پنهنجي آس‌پاس رهندڙ غير قومن يعني ڪنعانين، حتين، فرزين، يبوسين، عمونين، موآبين، مصرين ۽ امورين کان پاڻ کي ڌار نہ ڪيو آهي، بلڪ انهن جي ڪراهت جهڙين ڳالهين تي بہ عمل ڪري رهيا آهن.


هنن پاڻ ۽ پنهنجي پٽن کي سندن ڌيئرون پرڻايون آهن ۽ خدا لاءِ مخصوص نسل کي غير قومن سان ڳنڍي ڇڏيو اٿن. انهيءَ گناهہ ۾ اڳواڻن ۽ وڏن جو گھڻو هٿ آهي.“


پر اسين اوهان جي منع ڪرڻ کان پوءِ آئيندہ ائين نہ ڪنداسون. اسين اهڙي بڇڙائي ڪري خدا جا نافرمان نہ ٿينداسون.“


انهن کان پوءِ صدوق ولد امير پنهنجي گھر جي سامهون واري حصي جي مرمت ڪئي. تنهن کان پوءِ سمعياہ ولد سڪنياہ مرمت ڪئي، جيڪو اوڀر واري دروازي جو رکوالو هو.


بني عيلام جا هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ ماڻهو هئا،


ٻئي عيلام شهر جا هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ ماڻهو هئا،


خبردار، جنهن ملڪ ۾ اوهين وڃو ٿا تنهن جي رهاڪن سان ڪوبہ عهد نہ ڪجو، متان اهو اوهان لاءِ ڦندو بڻجي پوي.


جيڪو پنهنجا گناهہ نہ ٿو باسي، سو زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪامياب نہ ٿيندو. مگر جيڪو پنهنجا گناهہ قبول ڪندي انهن کان توبهہ‌تائب ٿئي ٿو، تنهن تي خدا پنهنجو رحم نازل ڪندو.


پر جيڪڏهن ٻِہ‌اکيائي ٿا ڪريو تہ انهيءَ حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري اوهين گناهہ ٿا ڪريو. تنهن تي شريعت اوهان کي گنهگار قرار ٿي ڏئي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan