Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




عزرا 1:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”آءٌ شهنشاهہ خورس چوان ٿو تہ خداوند، عرش عظيم جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون منهنجي هٿ هيٺ ڪيون آهن. هن مون کي حڪم ڏنو آهي تہ يهوداہ ملڪ واري شهر يروشلم ۾ سندس لاءِ هڪڙو گھر تعمير ڪرايان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند آسمان جي خدا، دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




عزرا 1:2
34 Iomraidhean Croise  

پر اي خدا! ڇا تون سچ پچ زمين تي رهندين؟ تون تہ آسمانن بلڪ عرش عظيم ۾ بہ سمائجي نہ ٿو سگھين، تہ پوءِ هي گھر جيڪو مون جوڙايو آهي تنهن ۾ ڀلا تون ڪيئن سمائجي سگھندين؟


خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن زمين ۽ آسمان کي بڻايو ۽ جنهن دائود بادشاهہ کي سمجھہ ۽ عقل وارو هڪ پٽ عطا ڪيو، جيڪو خداوند جي لاءِ هڪ گھر ۽ پنهنجي لاءِ هڪ محل تعمير ڪرائي ٿو.


تڏهن بني يهوداہ ۽ بني بنيامين جي گھراڻن جا وڏا، ڪاهن، لاوي ۽ اهي شخص جن جي دل ۾ خدا اها ڳالهہ وڌي تہ وڃي يروشلم ۾ خداوند جي هيڪل تعمير ڪجي، سي سڀيئي تيار ٿيا.


پوءِ ماڻهن رازن ۽ واڍن جي مزدوريءَ لاءِ پئسا ڏنا. هنن کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ زيتون جو تيل بہ ڏنو تہ جيئن اهي شيون صيدا ۽ صور ڏانهن موڪليون وڃن، جنهن جي عيوض لبنان کان يافا تائين سمنڊ رستي ديال جا وڻ وڍائي آندا وڃن. اهو سڀ ڪجھہ فارس جي بادشاهہ خورس جي اجازت سان ٿي ڪيو ويو.


پر زربابل، يشوع ۽ بني اسرائيل جي گھراڻن جي وڏن کين وراڻيو تہ ”اسان جي خدا جي هيڪل تعمير ڪرڻ ۾ اوهان جو ڪوبہ واسطو ڪونهي. اسين پاڻ خداوند، بني اسرائيل جي خدا لاءِ هيڪل تعمير ڪنداسين، جيئن فارس جي بادشاهہ خورس اسان کي حڪم ڏنو آهي.“


شهنشاهہ کيس چيو هو تہ هو وڃي يروشلم ۾ خدا جو گھر پنهنجي اصلي جاءِ تي وري تعمير ڪري ۽ اهي ٿانوَ انهيءَ ۾ کڻي رکي.


انهيءَ لاءِ تہ هو عرش عظيم جي خدا جي لاءِ وڻندڙ شين جون قربانيون پيش ڪري سگھن ۽ منهنجي ۽ منهنجي پٽن جي وڏي حياتيءَ لاءِ دعا گھرن.


”خورس شهنشاهہ جي شاهيءَ جي پهرئين سال يروشلم ۾ خدا جي گھر متعلق هن هڪڙو حڪم جاري ڪيو تہ ’اهو گھر يعني اها جاءِ جتي قربانيون پيش ڪجن ٿيون، سا ڀلي تہ وري تعمير ڪئي وڃي ۽ ڀلي تہ انهيءَ جو بنياد وڌو وڃي. ان جي اوچائي ستاويهہ ميٽر ۽ ويڪر بہ ستاويهہ ميٽر هجي.


شهنشاهہ ارتخششتا جي طرفان عزرا ڪاهن ڏانهن سلام، جيڪو عرش عظيم جي خدا جي شريعت جو وڏو عالم آهي،


جڏهن مون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن ويهي روئڻ لڳس. ڪيترائي ڏينهن آءٌ روئندو رڙندو رهيس ۽ ڪجھہ بہ کاڌم پيتم ڪونہ. مون خداوند، عرش عظيم جي خدا کان دعا گھري تہ


”اي خداوند خدا! عظيم ۽ هيبت وارا خدا! تون انهن سان پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن لافاني شفقت ٿو ڪرين، جيڪي تو سان محبت ٿا ڪن ۽ تنهنجي فرمانبرداري ڪن ٿا.


اوهين عرش عظيم واري خدا جو شڪرانو ادا ڪريو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


تو پنهنجي قوم جي خطا بخشي ڇڏي هئي. تو انهن جا سڀيئي گناهہ معاف ڪري ڇڏيا هئا.


خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.


اهو ڪير آهي جنهن اوڀر کان فاتح کي آندو، ۽ کيس هر قدم تي ڪاميابي عطا ڪئي؟ هائو، ڪنهن کيس بادشاهن ۽ قومن تي فتح بخشي آهي، جو سندس تلوار انهن کي دز وانگر، ۽ سندس تيرڪمان انهن کي هوا ۾ اڏامندڙ بُهہ وانگر ڪريو ڇڏي؟


آءٌ جيڪو پنهنجي ٻانهن جي ٻڌايل ڳالهين کي، هائو، پنهنجي پيغمبرن جي ذريعي ٻڌايل منصوبن کي پورو ڪرڻ وارو آهيان، سو يروشلم بابت چوان ٿو تہ اهو وري آباد ٿيندو، ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن بابت تہ اهي ٻيهر اڏيا ويندا. هائو، انهن جا ويران گھر آباديءَ ۾ بدلجي ويندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خورس کي حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي تہ اهو منهنجي پاران دنيا تي حڪمراني ڪندو. هو منهنجي سموري مرضي پوري ڪندي يروشلم شهر کي وري اڏائيندو، ۽ هيڪل جا بنياد رکائيندو.“


خداوند خورس کي شهنشاهہ ٿيڻ لاءِ چونڊيو. هن کيس قومن تي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو، ۽ بادشاهن جي طاقت کي ڪچلڻ لاءِ کيس موڪليائين. هائو، خداوند هن جي لاءِ شهرن جا دروازا کولي ڇڏيندو، ۽ هن لاءِ ڪابہ رڪاوٽ نہ رهندي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آسمان منهنجو تخت ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي. پوءِ اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر جوڙيندا؟ هائو، منهنجي رهڻ لاءِ اوهين ڪهڙي قسم جي جاءِ اڏيندا؟


(اوهين انهن کي ٻڌايو تہ اهي معبود، جن زمين ۽ آسمان پيدا نہ ڪيو آهي سي روءِ‌زمين تان ناس ٿي ويندا).


’مون خداوند هيءَ پوري دنيا پنهنجيءَ قدرت سان خلقي آهي. مون پنهنجي زورآور هٿ سان ان جا ماڻهو، جانور ۽ جيڪي ڪجھہ روءِزمين تي آهي سو سڀ جوڙيو آهي. سو اها زمين آءٌ جنهن کي چاهيندو آهيان تنهن کي ڏيندو آهيان.


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ’بابل جي بادشاهت جا ستر سال پورا ٿيڻ بعد آءٌ اوهان جي خبر چار لهندس ۽ اوهان کي پنهنجي وطن ۾ موٽائي آڻڻ وارو اوهان سان ڪيل پنهنجو سهڻو سخن پورو ڪندس.


ان طرح دانيال نبوڪدنضر جي شاهي درٻار ۾ ايستائين رهيو، جيستائين ان ملڪ بابل تي فارس ملڪ جي شهنشاهہ خورس فتح حاصل نہ ڪئي.


هو ئي وقتن کي ڦيري ڇڏي ٿو ۽ زمانا تبديل ٿو ڪري، هو ئي بادشاهن کي قائم ٿو ڪري ۽ کين معزول پڻ ڪري ٿو، هو ئي ڏاهن کي ڏاهپ ۽ عقلمندن کي ڄاڻ عطا ڪري ٿو.


پر عرش تي هڪ خدا آهي، جيڪو ڳُجھين ڳالهين کي ظاهر ٿو ڪري، تنهن ئي توهان بادشاهہ سلامت کي اها ڳالهہ ڄاڻائي آهي تہ ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو. هاڻي آءٌ توهان کي توهان جو خواب يعني اها رويا جيڪا توهان پنهنجي پلنگ تي سمهندي ڏٺي، سا ٻڌايان ٿو.


ماڻهو توهان کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ توهان جو رهڻ جھنگ جي جانورن سان ٿيندو. توهين ڍڳن وانگر گاهہ چرندا ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندا رهندا. ائين توهان تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو توهين قبول ڪريو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.


ماڻهو تو کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ تون جھنگلي جانورن سان وڃي رهندين. تون ڍڳن وانگر گاهہ چرندين ۽ ائين تو تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو تون قبول ڪرين تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.“


اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.


انهيءَ کان پوءِ بادشاهہ دارا سڄيءَ دنيا ۾ رهندڙ سڀني قومن ۽ قبيلن توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارن ڏانهن هي خط لکيو تہ ”شل اوهان تي گھڻي کان گھڻي سلامتي هجي.


يونس کين وراڻيو تہ ”آءٌ عبراني آهيان ۽ خداوند عرش عظيم جي خدا جي بندگي ڪندو آهيان، جنهن سمنڊ ۽ زمين پيدا ڪئي آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan