Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 9:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اها رک سنهي مٽي ٿي مصر جي ملڪ ۾ پکڙجي ويندي ۽ مصر جي سڄي ملڪ ۾ ماڻهن توڙي جانورن جي بدن تي ڦرڙيون ۽ ڦوڦينڊا ٿي نڪرندي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 تہ اها سنهي مٽي ٿي مصر جي ملڪ ۾ پکڙجي ويندي، ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ ماڻهن توڙي جانورن تي ڦرڙيون ٿي پونديون، جن مان ڦوڦينڊا نڪرندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 9:9
7 Iomraidhean Croise  

تڏهن شيطان خداوند جي حضور مان نڪري هليو ويو ۽ وڃي ايوب کي پيرن جي ترين کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين خوفناڪ ڦرڙين جي تڪليف ڏنائين.


سو هنن ٻنهي کُوري جي رک کنئي ۽ فرعون جي اڳيان وڃي بيٺا. موسيٰ اها آسمان ڏانهن اڇلائي تہ اها ماڻهن توڙي جانورن جي بدن تي ڦرڙيون ۽ ڦوڦينڊا بڻجي ويئي.


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”اوهين ٻئي کُوري جي رک مان مُٺيون ڀري کڻو ۽ موسيٰ ان کي فرعون جي روبرو آسمان ڏانهن اڇلائي.


خداوند اوهان کي مصرين جيان ڦرڙين سان ۽ بواسير، ڏڍ ۽ خارش سان سٽي وجھندو. اوهين انهن مان ڪڏهن بہ ڇٽي ڪين سگھندا.


خداوند اوهان جي گوڏن ۽ ٽنگن ۾ بيحد خوفناڪ ڦرڙيون ڪڍندو، بلڪ اوهين پير جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين انهن مان ڇٽي ڪين سگھندا.


پهرئين ملائڪ وڃي پنهنجو پيالو ڌرتيءَ تي هاريو تہ جن ماڻهن تي انهيءَ حيوان جو نشان هو ۽ جيڪي سندس بت کي سجدو ڪندا هئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan