Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 9:7 - Muslim Sindhi Bible

7 فرعون جي پڇا ڪرڻ تي جڏهن کيس ٻڌايو ويو تہ ”بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو آهي،“ تڏهن سندس دل سخت ٿي ويئي ۽ هن بني اسرائيل کي وڃڻ نہ ڏنو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 تڏهن فرعون پڇا ڪرائي ۽ ڏسو، بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو هو. پر تڏهن بہ فرعون جي دل سخت ٿي، ۽ انهن ماڻهن کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏنائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 9:7
11 Iomraidhean Croise  

خدا بيحد ڏاهو ۽ نهايت قدرت وارو آهي. ڪير آهي جيڪو سندس مقابلي ۾ اچي سلامت رهيو هجي؟


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مصر جو بادشاهہ زبردستيءَ کان سواءِ اوهان کي وڃڻ ڪين ڏيندو.


پر فرعون جي دل سخت ٿي ويئي. سو جيئن خداوند اڳي ئي فرمايو هو تيئن هن موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃي.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”فرعون جي دل سخت ٿي چڪي آهي سو هو منهنجي قوم کي وڃڻ نہ ٿو ڏئي.


پر فرعون هن ڀيري بہ پنهنجي دل سخت ڪئي ۽ وري بہ ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏنائين.


پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي. سو هن موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃي، جيئن خداوند اڳي ئي موسيٰ کي فرمايو هو.


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”اوهين ٻئي کُوري جي رک مان مُٺيون ڀري کڻو ۽ موسيٰ ان کي فرعون جي روبرو آسمان ڏانهن اڇلائي.


جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.


جيئن تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ضدي آهيو، اوهان جي ڪنڌ ۾ ڪلي آهي، ۽ اوهين پنهنجي هوڏ تي قائم ٿا رهو،


پر جڏهن سندس دل تڪبر وچان سخت ٿي ويئي ۽ هو هٺيلو ٿي هلڻ لڳو، تڏهن کيس شاهي تخت تان لاٿو ويو ۽ سندس شان وَ شوڪت کانئس کسي ويئي.


مطلب تہ خدا جنهن تي رحم ڪرڻ گھري ٿو، تنهن تي رحم ڪري ٿو ۽ جنهن کي ضد تي قائم رکڻ گھري ٿو تنهن جي دل کي سخت ڪري ٿو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan