Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 9:6 - Muslim Sindhi Bible

6 ٻئي ڏينهن خداوند ائين ئي ڪيو جيئن چيو هئائين. سو مصرين جو سمورو چوپايو مال مري ويو، پر بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو خداوند ائين ئي ڪيو، يعني مصرين جو سڀ چوپايو مال مري ويو، پر بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 9:6
10 Iomraidhean Croise  

هنن جي ڍورن ڍڳن تي ڳڙا وسائي کين ماري ڇڏيائين، ۽ وڄ جا چمڪاٽ موڪلي سندن رڍن ٻڪرين کي ماريائين.


هن نڪي پنهنجي غصي کي روڪيو، ۽ نہ ئي کين موت کان بچايائين، بلڪ سندن حياتي وبا جي حوالي ڪري ڇڏيائين.


انهيءَ ئي رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگھندس ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ ماڻهن جا پهريتا پٽ يا جانورن جا پهريتا نر ٻچا هوندا، تن سڀني کي ماري ڇڏيندس. مصر جي سڀني معبودن کي بہ سزا ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.


جڏهن اڌ رات ٿي تہ خداوند مصر وارن جي سڀني پهريتن پٽن کي، فرعون جيڪو تخت تي ويٺو هو تنهن جي پهريتي پٽ کان وٺي انهيءَ قيديءَ جي پهريتي پٽ تائين جيڪو قيدخاني ۾ هو ماري ڇڏيو. خداوند چوپائي مال جي پهريتن نر ٻچن کي بہ ماري ڇڏيو.


پر آءٌ انهيءَ ڏينهن جشن جي علائقي کي ڌار ڪندس، جتي منهنجي قوم ٿي رهي. اتي مکين جا ميڙ نہ هوندا، انهيءَ لاءِ تہ جيئن تو کي خبر پوي تہ هن ملڪ جو مالڪ حقيقت ۾ آءٌ ئي آهيان.


مصر جي سڄي ملڪ ۾ جيڪي بہ کُليل ميدان ۾ هو، ماڻهو توڙي جانور تن سڀني کي ڳڙن ماري وڌو. ڳڙن جي ڪري ٻنين جي سڄي ساوڪ برباد ٿي ويئي ۽ سڀ وڻ ڀڄي پيا.


پر جشن جو علائقو جنهن ۾ بني اسرائيل رهندا هئا، سو ئي اهڙي جاءِ هئي جتي ڳڙو ڪونہ پيو.


پر آءٌ بني اسرائيل جي مال کي مصرين جي مال کان ڌار ڪندس. بني اسرائيل جي مال مان ڪوبہ ڪونہ مرندو.


آءٌ خداوند، ائين ڪرڻ لاءِ سڀاڻي جو ڏينهن مقرر ڪريان ٿو.‘“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan