Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 9:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تہ ياد رک، آءٌ تنهنجي چوپائي مال، جيڪو جھنگ ۾ آهي، يعني تنهنجا گھوڙا، گڏهہ، اٺ، ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون، تن ۾ اهڙو هٿ وجھندس جو منجھن سخت وبا پوندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تہ ڏس تنهنجو چوپايو مال، جيڪو جهنگ ۾ آهي، يعني تنهنجا گهوڙا، گڏهہ، اُٺ، ڍور ۽ ڌڻ، تن تي خداوند جو هٿ پوندو ۽ انهن ۾ ڏاڍي سخت بيماري پوندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 9:3
9 Iomraidhean Croise  

سو هو پنهنجو چوپايو مال يوسف وٽ ڪاهي آيا. هن کين سندن گھوڙن، گڏهن، ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي بدلي کاڌو ڏنو. اهو سڄو سال هو سندن سموري چوپائي مال جي عيوض انهن جي کاڌ خوراڪ جو پورائو ڪندو رهيو.


اي خداوند! تون مون کان پنهنجي آفت پري ڪر، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي هٿ جي چوٽ کان آءٌ تباهہ ٿيندو ٿو وڃان.


تڏهن هنن چيس تہ ”عبرانين جو خدا اسان کي گڏيو آهي. سو اسان کي موڪل ڏي تہ اسين ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريون. جيڪڏهن ائين نہ ڪنداسين تہ متان هو اسان ۾ وبا موڪلي يا اسان کي جنگ ۾ مارائي ڇڏي.“


پر فرعون توهان جي ڳالهہ نہ ٻڌندو. تڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصر تي ڊگھيريندس ۽ هن کي وڏيون سزائون ڏيئي پنهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آڻيندس.


تڏهن جادوگرن فرعون کي چيو تہ ”هن ۾ خدا جو هٿ آهي.“ پر فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هن موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃي، جيئن خداوند اڳي ئي فرمايو هو.


مون اوهان ۾ وبا موڪلي، جهڙيءَ طرح مصر ۾ موڪلي هئم. اوهان جي جوانن کي جنگ ۾ تلوار سان قتل ڪرايم، اوهان جا گھوڙا اوهان کان کسيم، ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ ۾ لاشن جي بدبوءِ اوهان جي ناسن تائين آندم. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


سو ٻڌ، تو تي خداوند جي مار اچي پيئي آهي. هاڻي تون انڌو ٿيندين ۽ ڪجھہ عرصي تائين ڏينهن جي روشني بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندءِ.“ تڏهن هڪدم هن جي اکين اڳيان ڌنڌ ۽ اونداهي اچي ويئي ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون هڻڻ لڳو تہ من ڪو کيس هٿ کان وٺي هلي.


ڌيان ڏجو، جيڪڏهن اها پنهنجي سرحد واري رستي کان بيت‌شمس شهر ڏانهن وڃي، تہ ڄاڻجو تہ بني اسرائيل جي خداوند ئي اسان تي هيءَ وڏي آفت آندي آهي، نہ تہ اسين سمجھنداسين تہ انهيءَ ۾ هن جو هٿ ڪين هو. اهو رڳو هڪڙو اتفاق هو جو اسان سان ٿيو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan