Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 9:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پر حقيقت ڪري مون تو کي رڳو انهيءَ سبب جيئرو رهڻ ڏنو آهي تہ جيئن تو کي پنهنجي قدرت ڏيکاريان ۽ انهيءَ سان منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ روشن ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 پر حقيقت ڪري مون توکي انهيءَ لاءِ ڇڏيو آهي، تہ توکي پنهنجي قدرت ڏيکاريان، تہ منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 9:16
30 Iomraidhean Croise  

دنيا ۾ تنهنجي قوم بني اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي؟ يعني اهي ماڻهو جن کي تو خدا پاڻ پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ غلاميءَ مان ڇڏايو. تو پنهنجي انهيءَ قوم لاءِ جيڪي وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، تن سڄيءَ دنيا ۾ تنهنجو نالو ظاهر ڪيو، جڏهن تو انهيءَ قوم کي پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ اتي جي قومن ۽ سندن معبودن جي غلاميءَ مان ڇڏائي مصر منجھان ٻاهر ڪڍي آندو.


سو انهيءَ رات ڇا ٿيو جو خداوند جو هڪڙو ملائڪ نڪري آيو ۽ اشورين جي لشڪرگاهہ ۾ هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ماڻهن ڇا ڏسن تہ رڳو لاش ئي لاش پيا آهن.


اوهين سڀني قومن ۾ سندس عظمت ظاهر ڪريو. هائو، هن جا عجيب ڪم سڀني ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌايو،


تو فرعون، سندس عملدارن ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن خلاف معجزا ۽ عجب جهڙا ڪم ڪري ڏيکاريا، ڇاڪاڻ تہ تو کي خبر هئي تہ مصري انهن سان مغروريءَ سان پيش ايندا هئا. تو پنهنجو نالو مشهور ڪيو، جيڪو اڄوڪي ڏينهن تائين مشهور آهي.


تنهن هوندي بہ پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب هن کين بچايو هو، تان‌تہ هو پنهنجي عظيم قدرت کي ظاهر ڪري.


تڏهن سڀيئي ماڻهو ڊڄندا ۽ خدا جا اهي ڪم بيان ڪندا، ۽ چڱيءَ طرح سان سندس انهن ڪمن تي غور ڪندا.


توڙي جو انسان ڪيڏو بہ غصو ڪري، تہ بہ هو تنهنجيءَ تعريف جو سبب بڻبو. هائو، سندس غصي جي نتيجي ۾ تون واکاڻ جو تاج پائيندين.


آءٌ مصرين جي دلين کي سخت ڪندس ۽ اهي سندن پٺيان ڪاهي ايندا. تڏهن فرعون تي، سندس سڄي لشڪر تي، سندس جنگي گھوڙي گاڏين تي ۽ سندس گھوڙي سوارن تي منهنجي فتح سان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو.


آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو اوهان جي پٺيان پوندو. تڏهن فرعون ۽ سندس سڄي لشڪر تي منهنجي فتح سان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو.


جڏهن مصرين انهيءَ ڳالهہ ۾ مغروريءَ سان بني اسرائيل جي برخلاف ڪم ٿي ڪيو. هاڻي مون کي خبر پيئي آهي تہ خداوند سڀني معبودن کان وڏو آهي.“


جيڪڏهن آءٌ پنهنجو هٿ ڊگھيري تو کي ۽ تنهنجيءَ رعيت کي وبا سان ماري ڇڏيان ها تہ تون زمين تان بلڪل ميٽجي وڃي ها.


تون اڃا بہ پاڻ کي منهنجي قوم کان مٿي ٿو سمجھين ۽ کين وڃڻ نہ ٿو ڏين.


خداوند هر شيءِ ڪنهن نہ ڪنهن مقصد لاءِ بڻائي آهي، بلڪ بدڪار ماڻهوءَ جي قسمت ۾ هن بربادي لکي ڇڏي آهي.


تو مصر ۾ هيبتناڪ ڪم ۽ معجزا ڏيکاريا، بلڪ اڄ ڏينهن تائين تو بني اسرائيل ۾ توڙي سڄي انسانذات ۾ معجزا ۽ هيبتناڪ ڪم جاري رکيا آهن. تو نالو ڪمايو آهي جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.


خداوند فرمايو تہ ”جڏهن آءٌ ياجوج جي لشڪر کي سزا ڏيندس، هائو، جڏهن آءٌ پنهنجي ڪيل فيصلي تي پنهنجي قدرت سان عمل ڪري ڏيکاريندس، تڏهن دنيا جي سڀني قومن آڏو منهنجي عظمت ظاهر ٿي پوندي.


دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.


سو لعنت آهي اهڙي دغاباز تي جنهن جي ڌڻ ۾ باسيل بي‌عيب نر موجود تہ آهي، پر تنهن هوندي بہ هو مون پروردگار لاءِ عيب وارو جانور قربان ٿو ڪري. آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان ۽ دنيا جون سڀ قومون منهنجو ادب ڪن ٿيون.“


پر آءٌ جيئرو خداوند پنهنجي انهيءَ جلال جو قسم کڻي چوان ٿو جنهن سان سڄي ڌرتي ڀرپور ٿيندي،


پاڪ ڪلام ۾ بہ اهڙيءَ ئي طرح خدا فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي بادشاهہ انهيءَ لاءِ بڻايو آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪري پنهنجي قدرت ظاهر ڪريان ۽ دنيا ۾ منهنجو نالو روشن ٿئي.“


سو انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو خدا پنهنجو غضب ظاهر ڪرڻ ۽ قدرت ڏيکارڻ واري پنهنجي ارادي کي روڪيندي انهن غضب وارن ٿانوَن کي صبر سان برداشت ڪندو رهيو، جيڪي ڀڃي ناس ٿيڻ لاءِ تيار ڪيا ويا هئا.


هن اهو انهيءَ لاءِ ڪيو تہ دنيا جون سڀ قومون ڄاڻي وٺن تہ خداوند ڪيڏي نہ وڏيءَ قدرت وارو آهي ۽ انهيءَ لاءِ بہ تہ اوهين هميشہ خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو.“


هن ڪري جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي بي‌انصافيءَ جي ڪري ڏک ۽ تڪليفون صبر سان سهي ٿو تہ اها ڳالهہ خدا وٽ قبول پوندڙ آهي.


۽ ”اهو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻهن لاءِ ٿاٻو کائڻ واري ڇپ ٿيو آهي.“ سو اهي ماڻهو خدا جي فرمان تي ايمان نہ آڻڻ سان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي اهي مقرر بہ ڪيا ويا آهن.


منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پاڪ ڪلام مطابق قديم زماني کان گنهگار قرار ڏنو ويو آهي. اهي بي‌دين ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي خدا جي فضل کي بگاڙي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند، يعني عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


اسان سان ويل ٿيو! ڪير اسان کي هنن طاقت وارن معبودن جي هٿان ڇڏائيندو. هي تہ اُهي ئي معبود آهن، جن مصرين کي هر قسم جي آفتن سان بيابان ۾ ماريو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan