Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 8:9 - Muslim Sindhi Bible

9 موسيٰ ورندي ڏنس تہ ”آءٌ خوشيءَ سان تنهنجي لاءِ دعا گھرندس. هاڻي وقت مقرر ڪري ٻڌاءِ تہ ڪڏهن آءٌ تنهنجي، تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجي رعيت جي لاءِ دعا گھران تہ هي ڏيڏر تو تان ۽ تنهنجي گھرن تان دفع ٿين ۽ رڳو درياءَ ۾ وڃي رهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 تڏهن موسيٰ فرعون کي چيو تہ ڀلي تون مون تي اهو فخر ڪر، ڪهڙي وقت لاءِ آءٌ تنهنجيءَ رعيت جي واسطي دعا گهران، تہ هي ڏيڏر تو تان ۽ تنهنجي گهرن تان دفع ٿين، ۽ رڳو ندين ۾ وڃي رهن؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 8:9
8 Iomraidhean Croise  

الياس بعل ديوتا جي نبي سڏائيندڙن کي چيو تہ ”اوهين تہ گھڻا آهيو، سو پهريائين اوهين پنهنجي لاءِ هڪڙو ڍڳو ڪڍي تيار ڪريو، پر ڪاٺين کي باهہ نہ لڳايو. پوءِ اوهين پنهنجي معبود کي سڏيو.“


درياءَ تي خداوند جي آفت آڻڻ کي ست ڏينهن گذري ويا.


فرعون جواب ڏنس تہ ”مون لاءِ سڀاڻي دعا گھُر.“ تڏهن موسيٰ چيس تہ ”جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي ٿيندو، انهيءَ لاءِ تہ تو کي خبر پوي تہ خداوند اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


اهي ڏيڏر تو وٽان، تنهنجي گھرن مان، تنهنجي نوڪرن ۽ تنهنجيءَ رعيت وٽان پري هليا ويندا. اهي رڳو درياءَ ۾ وڃي رهندا.“


تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”خداوند کان دعا گھرو تہ هي ڏيڏر مون تان ۽ منهنجي رعيت تان دفع ڪري، تہ آءٌ اوهان جي ماڻهن کي ڇڏيندس تہ وڃي خداوند لاءِ قرباني ڪن.“


پر خداوند هن جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”ڇا ڪهاڙي انهيءَ ماڻهوءَ اڳيان ٻٽاڪ هڻي ٿي سگھي، جيڪو ان کي هٿ ۾ کڻي استعمال ٿو ڪري؟ يا ڪارائي انهيءَ سان وڏائي ڪري ٿي سگھي، جيڪو ان کي هٿ ۾ کڻي هلائي ٿو؟ ڀلا لٺ پنهنجي کڻڻ واري کي ڪيئن ٿي لوڏي سگھي؟ يا لڪڻ ماڻهوءَ کي ڪيئن ٿو کڻي سگھي؟“


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”مون تنهنجي چوڻ موجب کين معافي ڏني.


تڏهن خداوند جِدعون کي چيو تہ ”جيڪي ماڻهو تو سان گڏ آهن سي ايترا تہ گھڻا آهن جو آءٌ مديانين کي انهن جي هٿ ۾ ڏيڻ نہ ٿو گھران. متان بني اسرائيل منهنجي اڳيان ٻٽاڪ هڻي چون تہ ’اسان پنهنجي طاقت سان پاڻ کي ڇڏايو آهي.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan