سو خداوند ائين ئي ڪيو. فرعون جي محل ۾، سندس نوڪرن جي گھرن ۾ ۽ مصر جي سڄي ملڪ ۾ مکين جا ميڙ اچي گڏ ٿيا. انهن مکين جي ميڙن جي ڪري ملڪ جو خانو خراب ٿي ويو.
مصر جي شهر ضُعن جا اڳواڻ بلڪل بيوقوف آهن. فرعون جي سڀني کان عقلمند مشيرن جي صلاح بہ احمقانہ ليکجي ٿي، پوءِ بہ اهي پنهنجي لاءِ چون ٿا تہ ”اسين ڏاهن جو اولاد ۽ شاهاڻي نسل مان آهيون.“