پر بادشاهہ يهورام جي ڌيءَ ۽ بادشاهہ اخزياہ جي ڀيڻ جنهن جو نالو يهوسبع هو ۽ جيڪا يهويدع نالي هڪڙي ڪاهن جي زال هئي، تنهن بادشاهہ اخزياہ جي پٽن جي قتلام وقت هڪڙي پٽ يوآس کي چورائي ورتو ۽ کيس سندس دائيءَ سميت سمهڻ واري ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪايائين. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ کي راڻي عتلياہ کان لڪائي کيس قتل ٿيڻ کان بچائي ورتو.