Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 8:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هارون کي چئُہ تہ هو پنهنجي لٺ ڊگھي ڪري زمين تي هڻي، تہ مصر جي سڄي زمين جي مٽي ڦري مَنهان مڇر ٿي پوي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ هارون کي چئُہ تہ پنهنجي لٺ ڊگهي ڪري زمين جي مٽيءَ تي هڻي، تہ مصر جي ساري ملڪ ۾ جُوئون ٿي پون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 8:16
7 Iomraidhean Croise  

وري جڏهن حڪم فرمايائين تہ بي‌شمار مکيون توڙي مَنهان مڇر اچي سندن ملڪ تي ڪڙڪيا.


سو آءٌ تو کي چوان ٿو تہ منهنجي پٽ کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري. جيڪڏهن تون هن کي وڃڻ نہ ٿو ڏين تہ پوءِ ياد رک، آءٌ تنهنجي پهريتي پٽ کي ماري ڇڏيندس.‘“


انهيءَ کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي تہ ’منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي، تہ بيابان ۾ وڃي اهي منهنجي شان ۾ عيد ڪن.‘“


هاڻي جڏهن فرعون ڏٺو تہ ڏيڏرن کان سندس جان ڇٽي ويئي آهي، تڏهن پنهنجيءَ دل کي وري سخت ڪيائين ۽ موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن خداوند اڳي ئي فرمايو هو.


هنن ائين ئي ڪيو. هارون پنهنجي لٺ هٿ ۾ کڻي زمين تي هنئي تہ مصر جي سڄي مٽي ڦري مَنهان مڇر ٿي پيئي. انهن مڇرن سان انسان ۽ جانور ڍڪجي ويا.


سو انسانن ۽ جانورن تي مڇر ئي مڇر هئا. جادوگرن بہ ڪوشش ڪئي تہ هو پنهنجي جادوءَ سان مڇر پيدا ڪن، پر هو ائين ڪري نہ سگھيا.


خداوند موسيٰ کي هي بہ فرمايو تہ ”هارون کي چئُہ تہ هو پنهنجو هٿ لٺ سوڌو ندين، نهرن ۽ حوضن تي ڊگھيري تہ ڏيڏر مصر جي ملڪ تي ڪاهي اچن.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan