Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 8:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽان هليا ويا. موسيٰ وڃي انهن ڏيڏرن کي هٽائڻ لاءِ خداوند کان دعا گھري، جيڪي خداوند فرعون تي موڪليا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽان هليا ويا، ۽ جيڪي ڏيڏر خداوند فرعون تي موڪليا هئا، تن بابت موسيٰ کانئس دعا گهري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 8:12
10 Iomraidhean Croise  

وري جڏهن حڪم فرمايائين تہ بي‌شمار مکيون توڙي مَنهان مڇر اچي سندن ملڪ تي ڪڙڪيا.


تڏهن موسيٰ فرعون وٽان نڪري آيو ۽ اچي خداوند کان دعا گھريائين.


تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! تون ڇو پنهنجي انهيءَ قوم سان ايتري ڪاوڙ ٿو ڪرين، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ طاقت سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي؟


تڏهن خداوند ائين ئي ڪيو جيئن موسيٰ عرض ڪيو هئس. سو جيڪي ڏيڏر گھرن ۾، اڱڻن ۾ ۽ ٻنين ۾ هئا سي سڀ مري ويا.


ان کان پوءِ موسيٰ فرعون وٽان هليو ويو ۽ وڃي خداوند کان دعا گھريائين.


تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”خداوند کان دعا گھرو تہ هي ڏيڏر مون تان ۽ منهنجي رعيت تان دفع ڪري، تہ آءٌ اوهان جي ماڻهن کي ڇڏيندس تہ وڃي خداوند لاءِ قرباني ڪن.“


پوءِ موسيٰ فرعون وٽان نڪري شهر کان ٻاهر آيو ۽ دعا لاءِ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کنيائين. تڏهن اوچتو گجگوڙ، ڳڙا ۽ مينهن سڀ بند ٿي ويا.


خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”آءٌ وري اوهان بني اسرائيل قوم وارن جون دعائون ٻڌندس ۽ اوهان جي قوم کي ايترو تہ وڌائيندس جو اوهين رڍن جي وڏي ڌڻ وانگر ٿي ويندا.


باقي رهيس آءٌ، سو خدا شل ائين نہ ڪري جو اوهان جي حق ۾ دعا گھُرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گنهگار ٿيان، بلڪ آءٌ اوهان کي چڱي ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan