Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 7:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ”جيڪڏهن فرعون اوهان کي چوي تہ ’اوهين پنهنجي ثابتيءَ لاءِ ڪو معجزو ڏيکاريو،‘ تڏهن تون هارون کي چئج تہ هو پنهنجي لٺ فرعون جي اڳيان اڇلائي، جيڪا نانگ ٿي پوندي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 جڏهن فرعون اوهان کي چوي تہ اوهين ڪا نشاني ڏيکاريو، تڏهن تون هارون کي چئج تہ پنهنجي لٺ کڻي فرعون جي اڳيان اُڇلائي، تہ اها نانگ ٿي پوندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 7:9
15 Iomraidhean Croise  

تڏهن موسيٰ پنهنجي لٺ مصر ملڪ جي مٿان ڊگھيري تہ خداوند اهو سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات اوڀر جو واءُ گھلايو. جڏهن صبح ٿيو تہ انهيءَ اوڀر جي واءُ پاڻ سان ماڪڙ آندي.


تون هيءَ لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻج، انهيءَ سان تون معجزا ڏيکاريندين.“


تنهن تي خداوند موسيٰ کان پڇيو تہ ”تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟“ موسيٰ وراڻيو تہ ”لٺ آهي.“


تڏهن موسيٰ پنهنجيءَ زال ۽ پنهنجي پٽن کي هڪڙي گڏهہ تي ويهاريو ۽ مصر ڏانهن روانو ٿيو. موسيٰ اها لٺ پنهنجي هٿ ۾ کنئي جنهن لاءِ خدا چيو هئس.


خداوند چيس تہ ”اها زمين تي اڇلاءِ.“ هن اها زمين تي اڇلائي تہ نانگ ٿي پيئي. موسيٰ انهيءَ کان ڀڄي پري ٿيو.


خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ


سو موسيٰ پنهنجي لٺ آسمان ڏانهن بلند ڪئي تہ خداوند گجگوڙ ۽ ڳڙا موڪليا. زمين تي وڄ ڪرڻ لڳي ۽ مصر جي ملڪ تي


”مون خداوند پنهنجي خدا کان منهنجي واعدي جي سچائيءَ جي ڪا نشاني گھُر، پوءِ اها هيٺ پاتال ۾ هجي يا مٿي عرش عظيم تي.“


تون کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي مصر جا بادشاهہ فرعون! تون هڪڙي وڏي اجگر بلا آهين، جيڪو نيل نديءَ جي وهڪرن ۾ ليٽندي ٻٽاڪون ٿو هڻين تہ ”نيل ندي منهنجي آهي ۽ مون اها پنهنجي لاءِ بڻائي آهي.“ سو ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.


تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ گمراهہ آهن جو مون کان خدائي نشانيءَ جي گھُر ٿا ڪن. پر انهن کي يونس نبيءَ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.


جيتوڻيڪ اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، تڏهن بہ منهنجي انهن ڪمن تي تہ يقين ڪريو جيڪي آءٌ پيءُ جي طرفان ڪريان ٿو، تہ جيئن اوهين اها حقيقت ڄاڻي وٺو تہ پيءُ مون ۾ آهي ۽ آءٌ پيءُ ۾ آهيان.“


تڏهن يهودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ ثابتيءَ لاءِ ڪا خدائي نشاني ڏيکار.“


تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ اوهين اسان کي ڪهڙي خدائي نشاني ٿا ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اسين اوهان تي ايمان آڻيون؟ اوهين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan