Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 7:7 - Muslim Sindhi Bible

7 سو جنهن وقت هنن فرعون وٽ وڃي ساڻس ڳالهايو، تنهن وقت موسيٰ جي عمر اسي سال ۽ هارون جي ٽياسي سال هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 جڏهن هنن فرعون سان گفتگو ڪئي، تڏهن موسيٰ اسي ورهين جو هو، ۽ هارون ٽياسي ورهين جو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 7:7
11 Iomraidhean Croise  

ان وقت يوسف ٽيهن سالن جو هو جڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون جي نوڪري شروع ڪيائين. پوءِ يوسف فرعون جي درٻار مان نڪري مصر جي سڄي ملڪ جو دورو ڪرڻ لڳو.


اسان جي عمر وڌ ۾ وڌ ستر سال ٿئي ٿي، يا وري جيڪڏهن ڪو تندرست آهي تہ پوءِ اسي سال، جڏهن تہ اها بہ گھڻو ڪري مشڪلاتن ۽ ڏکن ۾ گذري وڃي ٿي. پوءِ اها حياتي بہ جلد گذريو وڃي ۽ اسين ختم ٿيو وڃون.


گھڻي عرصي گذرڻ کان پوءِ مصر جو اهو فرعون بادشاهہ مري ويو ۽ ٻيو فرعون بادشاهہ بڻيو. پر بني اسرائيل اڃا تائين غلاميءَ جي ڪري آهون ڀريندا ۽ روئندا ٿي رهيا. سندن روئڻ جيڪو غلاميءَ جي مصيبت جي ڪري هو، سو خدا تائين وڃي پهتو.


خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ


هور جبل تي وفات ڪرڻ وقت سندس عمر هڪ سؤ ٽيويهہ سال هئي.


جڏهن موسيٰ چاليهن سالن جو ٿيو تہ هن ارادو ڪيو تہ ’آءٌ وڃي پنهنجي بني اسرائيل قوم وارن کي ڏسان.‘


چاليهہ سال گذرڻ کان پوءِ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ٻرندڙ ٻوڙي مان هڪڙي ملائڪ هن کي ڏيکاري ڏني.


آءٌ چاليهہ سال بيابان ۾ اوهان جي اڳواڻي ڪندو رهيس، نہ اوهان جي بدن جا ڪپڙا پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جي پيرن جون جتيون پراڻيون ٿيون.


پوءِ کين وڌيڪ چيائين تہ ”اڄ منهنجي عمر هڪ سؤ ويهہ سال ٿي چڪي آهي، هاڻي آءٌ وڌيڪ اوهان جي اڳواڻي ڪري نہ ٿو سگھان. ٻيو تہ خداوند بہ مون کي چيو آهي تہ ’تون اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر بلڪل نہ ويندين.‘


جڏهن موسيٰ وفات ڪئي تڏهن سندس عمر هڪ سؤ ويهہ سال هئي. هن جي اکين ۾ اڃا ڌنڌ بہ ڪونہ ٿيو هو، نڪا سندس بدن جي طاقت ئي گھٽي هئي.


تنهن کان پوءِ مون موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو ۽ مصر تي مصيبتون موڪليم. پوءِ مون اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan