Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 7:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ ائين ئي ڪيائون جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو. هارون جڏهن پنهنجي لٺ فرعون ۽ سندس درٻارين جي اڳيان اڇلائي تہ اها نانگ ٿي پيئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 پوءِ موسيٰ ۽ هارون، فرعون وٽ آيا ۽ ائين ئي ڪيائون، جيئن خدا کين حڪم ڏنو هو، يعني هارون پنهنجي لٺ فرعون جي اڳيان اُڇلائي تہ اها نانگ ٿي پيئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 7:10
10 Iomraidhean Croise  

اي مصر! تو منجھہ فرعون ۽ ان جي سڀني عملدارن تي هن ڪيڏا نہ وڏا معجزا ۽ عجيب ڪم ظاهر ڪيا.


پوءِ بني اسرائيل وڃي ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو.


خداوند چيس تہ ”اها زمين تي اڇلاءِ.“ هن اها زمين تي اڇلائي تہ نانگ ٿي پيئي. موسيٰ انهيءَ کان ڀڄي پري ٿيو.


هاڻي تون صبح جو سوير فرعون وٽ وڃجانءِ. هو انهيءَ مهل درياءَ تي ويندو. سو تون ساڻس ملڻ لاءِ درياءَ جي ڪناري تي وڃي بيهجانءِ ۽ جيڪا لٺ بدلجي نانگ ٿي پيئي هئي سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃجانءِ.


تڏهن موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو. هارون لٺ کڻي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي روبرو درياءَ جي پاڻيءَ تي هنئي تہ درياءَ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پيو.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو.


”جيڪڏهن فرعون اوهان کي چوي تہ ’اوهين پنهنجي ثابتيءَ لاءِ ڪو معجزو ڏيکاريو،‘ تڏهن تون هارون کي چئج تہ هو پنهنجي لٺ فرعون جي اڳيان اڇلائي، جيڪا نانگ ٿي پوندي.“


جيڪڏهن هو پاڻ کي ڪرمل جبل جي چوٽيءَ تي وڃي لڪائيندا، تڏهن بہ آءٌ اتان کين ڳولي ڪڍندس. جيڪڏهن هو سمنڊ جي تري ۾ بہ وڃي پاڻ کي لڪائيندا، تڏهن بہ آءٌ اتان جي سامونڊيءَ بلا کي حڪم ڏيندس تہ هوءَ کين ڏنگي وجھي.


جيڪڏهن اهي نانگ جھليندا يا زهر پيئندا تہ بہ انهن کي ڪو نقصان نہ پهچندو. هو بيمارن کي هٿ لائيندا تہ اهي چڱا ڀلا ٿي پوندا.“


ڏسو، مون اوهان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آهي تہ نانگن ۽ وِڇن کي لتاڙي ڇڏيو ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ڪابہ شيءِ اوهان کي ايذاءُ نہ رسائيندي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan