خروج 6:6 - Muslim Sindhi Bible6 تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’آءٌ خداوند آهيان. آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس ۽ سندن غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو زورآور هٿ وڌائي هنن کي سخت سزائون ڏيئي اوهان کي هنن کان ڇڏائيندس. Faic an caibideilSindhi Bible6 تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس. Faic an caibideil |
ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي.