Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 6:5 - Muslim Sindhi Bible

5 هينئر جڏهن تہ مون بني اسرائيل جون دانهون ٻڌيون آهن، جن کي مصرين پنهنجيءَ غلاميءَ ۾ رکيو آهي، تڏهن مون پنهنجو عهد ياد ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 انهيءَ کان سواءِ مون بني اسرائيل جون دانهون ٻڌيون آهن، جن کي مصرين پنهنجي غلاميءَ ۾ رکيو آهي، ۽ مون پنهنجو عهد ياد ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 6:5
11 Iomraidhean Croise  

خدا نوح ۽ انهن جانورن کي جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا وساري ڪونہ ڇڏيو. سو خدا هوا گھلائي ۽ پاڻي لهڻ لڳو.


تڏهن آءٌ اوهان سان ۽ سڀني جانورن سان پنهنجو ڪيل اهو عهد ياد ڪندس تہ ڪڏهن بہ وري ساهوارا ٻوڏ جي ڪري برباد نہ ٿيندا.


هو ابد تائين پنهنجي عهد کي ياد رکڻ وارو آهي، يعني انهيءَ واعدي کي جيڪو هزار پيڙهين لاءِ هن فرمايو هو،


گھڻي عرصي گذرڻ کان پوءِ مصر جو اهو فرعون بادشاهہ مري ويو ۽ ٻيو فرعون بادشاهہ بڻيو. پر بني اسرائيل اڃا تائين غلاميءَ جي ڪري آهون ڀريندا ۽ روئندا ٿي رهيا. سندن روئڻ جيڪو غلاميءَ جي مصيبت جي ڪري هو، سو خدا تائين وڃي پهتو.


تڏهن خدا سندن دانهون ٻڌي پنهنجي انهيءَ عهد کي ياد ڪيو، جيڪو هن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان ٻڌو هو.


پوءِ خداوند چيس تہ ”منهنجي قوم جيڪا مصر ۾ آهي، تنهن جي سخت مصيبت مون ڏٺي آهي. سندن رکوالن جي سختيءَ جي ڪري سندن ڪيل دانهن ٻڌي اٿم. مون کي هنن جي ڏکن جي خبر آهي.


تنهن تي مصر جي بادشاهہ هنن کي چيو تہ ”اي موسيٰ ۽ هارون! اوهين هنن ماڻهن کي سندن ڪمن کان ڇو ٿا روڪيو؟ اوهين چاهيو ٿا تہ هن ملڪ ۾ اڪثريت وارا هيترا سارا ماڻهو ڪم کان رڪجي وڃن؟ کين ڇڏي ڏيو تہ وڃي پنهنجو ڪم ڪن.“


بلڪ هن پاڻ ملائڪ جي صورت ۾ اچي کين بچايو. هو سندن هر ڏک ۾ پڻ ساڻن شامل رهيو، ۽ پوءِ پنهنجي محبت ۽ شفقت سان کين ڇڏايائين. گذريل پوري وقت ۾ هن هميشہ سندن سنڀال پئي ڪئي آهي.


هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ٻڌل عهد پورو ڪيو آهي. هائو، ابراهيم ۽ سندس اولاد جي سار لهندي هن پنهنجي ٻانهي يعني بني اسرائيل قوم جي مدد ڪئي آهي، تہ جيئن انهن تي هميشہ رحم ڪري.“


هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيل واعدي موجب، اسان تي رحم ڪندي پنهنجو پاڪ عهد پورو ڪيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan