Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




خروج 6:4 - Muslim Sindhi Bible

4 مون انهن سان پنهنجو عهد ٻڌو هو تہ ڪنعان جو ملڪ، جنهن ۾ هو ڌارين وانگر رهندا هئا سو کين ڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ مون انهن سان پنهنجو عهد بہ ڪيو آهي، تہ ڪنعان جو ملڪ، جنهن ۾ هو مسافرن وانگي رهندا هئا، سو کين ڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




خروج 6:4
21 Iomraidhean Croise  

اتي خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”هي آهي اهو ملڪ جيڪو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“ پوءِ ابرام خداوند جي لاءِ، جنهن کيس ڏيکاري ڏني هئي، اتي هڪ قربان‌گاهہ ٺاهي.


تڏهن خداوند ابرام کي چيو تہ ”تون آرام سان دم ڏيندين ۽ وڏي ڄمار ۾ دفن ٿيندين. پر تو کي خبر هجي تہ تنهنجو اولاد هڪ ڌارئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهندو، اُتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليفون ڏيندا رهندا. پوءِ آءٌ انهيءَ قوم کي سزا ڏيندس جنهن انهن کي غلام بڻايو هوندو ۽ جڏهن تنهنجو اولاد اهو ڌاريو ملڪ ڇڏي نڪري ايندو تہ وٽس گھڻو مال‌متاع هوندو.


انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان،


هر ڪنهن مرد جو طهر ضرور ٿيل هجي. اها هڪ جسماني نشاني هوندي، اهو ڏيکارڻ لاءِ تہ اوهان سان منهنجو عهد دائمي آهي.


”تو سان منهنجو عهد هي آهي تہ تون گھڻين ئي قومن جو پيءُ ٿيندين.


”آءٌ اوهان وٽ ڌاريو ۽ مسافر آهيان. مون کي قبرستان جي لاءِ زمين جو ٽڪرو وڪرو ڪري ڏيو تہ آءٌ پنهنجو مُڙدو اتي دفن ڪريان.“


تون انهيءَ ئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهہ. آءٌ تو سان هوندس ۽ تو کي برڪت ڏيندس. آءٌ هي سمورو ملڪ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس. جيڪو قسم مون تنهنجي پيءُ ابراهيم سان کنيو هو سو پورو ڪندس.


آءٌ تو کي ايترو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن. آءٌ هي سڄو ملڪ تنهنجي اولاد کي ڏيندس. دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت ملندي.


پوءِ ڏٺائين تہ خداوند سندس ڀر ۾ بيٺو آهي ۽ چويس ٿو تہ ”آءٌ خداوند تنهنجي پيءُ ابراهيم ۽ اسحاق جو خدا آهيان. اها زمين جنهن تي تون سمهيو پيو آهين سا آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.


شل هو ابراهيم واري برڪت تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي بہ ڏئي، تہ جيئن هيءُ ملڪ، جيڪو خدا ابراهيم کي ڏنو هو جنهن ۾ تون پرديسي ٿي پيو گذارين، سو تو کي ورثي ۾ ملي.“


پر تو سان آءٌ پنهنجو عهد ڪندس. تون پنهنجيءَ زال، پنهنجي پٽن ۽ انهن جي زالن سميت اچي ٻيڙي ۾ چڙهج.


مون دائود جي گھراڻي جي بادشاهي خداوند آڏو اهڙي ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان دائمي عهد ٻڌو آهي. هائو، اهڙو عهد ٻڌو اٿس جيڪو هر ڳالهہ ۾ مڪمل، مستحڪم ۽ محفوظ آهي. سو منهنجو مڪمل بچاءُ ۽ منهنجي پوري مراد اهو ئي آهي، ۽ بيشڪ خداوند اهو عهد پورو ڪندو.


جڏهن يعقوب کي فرمايائين تہ ”آءٌ تو کي ڪنعان جو ملڪ ڏيندس، تان‌تہ اهو ملڪ تنهنجي ميراث ٿئي.“


انهيءَ وقت بني يعقوب بلڪل ئي ٿورا هئا، ۽ جنهن ملڪ ڪنعان ۾ هو رهيا ٿي تنهن ۾ ڌاريا هئا.


اوهين ابيب مهيني جي اڄوڪي ڏينهن مصر مان ٻاهر نڪتا آهيو.


جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو ۽ جنهن ۾ آسودگي ۽ خوشحالي آهي، جڏهن خداوند اوهان کي انهيءَ ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ پهچائي تڏهن اوهين ساڳئي ئي مهيني ۾ اها رسم ادا ڪندا رهجو.


آءٌ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندس جنهن بابت مون قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ڏيندس. آءٌ اوهان کي اهو ملڪ ميراث ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.‘“


اي منهنجي قوم وارؤ! هاڻي منهنجي ويجھو اچو ۽ ڪن ڏيئي ٻڌو. هائو، ٻڌو تہ جيئن اوهين جيئرا رهو. آءٌ اوهان سان اهو ئي دائمي شفقت وارو عهد ڪندس، جيڪو مون دائود سان ڪيو هو.


موسيٰ پنهنجي سهري يٿروءَ جي پٽ حوباب کي چيو تہ ”اسين انهيءَ هنڌ ڏانهن وڃڻ وارا آهيون جنهن بابت خداوند فرمايو هو تہ ’آءٌ اهو اوهان کي ڏيندس.‘ هن بني اسرائيل کي خوشحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. سو تون اسان سان هل ۽ اسين تو کي ان خوشحاليءَ ۾ پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪنداسون.“


خدا ابراهيم کي هن ملڪ ۾ زمين جو هڪ ٽڪرو بہ ميراث طور نہ ڏنو، بلڪ هڪ انچ بہ نہ. پر خدا ساڻس واعدو ڪيو تہ ’اهو ملڪ تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي ڏيندس تہ جيئن تنهنجي ملڪيت ٿئي،‘ جيتوڻيڪ کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan